ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا گم ٿيل ڇهه ڪتاب
مختيار ملاح
هوتچند مولچند گربخشاڻي (1884_1947ع)، جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. 1905ع ۾ ڊي جي ڪاليج مان بي. اي، 1907ع ۾ ولسن ڪاليج بمبئي مان ايم اي پاس ڪيائين. 1928ع ۾ انگلينڊ مان پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري وٺي آيو. ڊي جي ڪاليج ۾ فارسي ۽ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان ئي ڪاليج ۾ 1927ع ۾ وائيس پرنسپال، 1940ع ۾ ڪاليج جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ۽ 1943ع کان 1944ع تائين ڪاليج جو پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏنائين.
هو محقق، مترجم ، ناول نگار ۽ شاهه جو شارح هو. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ شاهه جي رسالي کي نئين سر ترتيب ڏنو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي دلي لڳاءُ هو، هن شاهه جي شاعريءَ کي جديد نموني سهيڙڻ ۽ شرح لکڻ جو ڪم شروع ڪيو. سندس تاريخي ۽ تحقيقي ڪم شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کي مقدمي، معنيٰ ۽ شرح سان چئن جلدن ۾ لکڻ جو آهي، جن مان ٽي جلد پاڻ پنهنجن هٿن سان ڇپائي، پڌرا ڪري سگهيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاهه جي شاعريءَ جو مقدمو ”مقدمہ لطيفي“ ۽ ”روح رھاڻ“ لکيا. هڪ ناول ”نورجهان“ جي نالي سان به لکيو. هڪ ٻيو ڪتاب ”لنواري جا لال“ به شايع ٿيل آهن.
افسوس آهي ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جهڙي عظيم عالم جا ڪي ڪتاب شايع ٿيڻ کان پهرين يا پوءِ گم ٿي ويا، جنهن لاءِ اسان جي ادارن کي ڪوشش وٺڻ گهرجي، انهن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
1. شاهه جي رسالي جو گم ٿيل چوٿون جلد
هي شاهه جو رسالو ڊاڪٽرهوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو ٽن جلدن ۾ ترتيبوار پهريون جلد 1923ع ۾، ٻيو جلد 1924ع ۾ ۽ ٽيون جلد 1931ع ۾ شايع ٿيو. رسالي جو چوٿون جلد پڻ تيار ڪيو هئائين، جيڪو ڪن سببن جي ڪري شايع ڪرائي نه سگهيو . 11 فيبروريءَ تي سندس دهيانت ٿي ويو ۽ چوٿون جلد خبر نه آهي ڪٿان کان ٿيندو هميشه لاءِ گم ٿي ويو. مدد علي سنڌي صاحب، رسالي جي نئين ايڊيشن ۾ تفصيل سان چوٿين جلد جا پيرا کنيا آهن. اڃا به وقت ويو نه آهي، سنجينده ڪوشش ڪري چوٿين جلد کي تلاش ڪري سگهجي ٿو.
2. تتسم شبدن جي تدڀو ٿيڻ جا نيم
هن ڪتاب جو ذڪر، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ ۾ ڪيو آهي، وڌيڪ معلومات نه ٿي ملي.
3. Mysticism in the Early Nineteenth Century Poetry of England
ڊاڪٽر گربخشاڻي پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن انگريزي ادب تي ڊاڪٽريٽ ڪئي. هن 1928ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان پي.ايڇ. ڊي ڪئي. سندس مقالي جو عنوان: “Mysticism in the Early Nineteenth Century Poetry of England” هو. سندس پي.ايڇ. ڊي ڪيترائي سال شايع ٿي نه سگهي هئي. بهرحال، 1984ع ۾ هندستان مان شايع ٿي، جنهن کي 2018ع ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد پاران پهريون دفعو سنڌ ۾ ڇپايو ويو. ان ڪتاب جي مهورت ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جي نياڻي گل هوتچند ڇڳاڻي سنڌ آئي هئي. ان جي اشاعت جو سهرو ڊاڪٽر غفور ميمڻ، سابق چئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي سر تي آهي.
4. A Brief Survey of published Sindhi Literature
هيءَ هڪ دراصل رپورٽ آهي ، جيڪا ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ صاحب 14 نومبر 1921ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ ڏانهن موڪلي هئي، جنهن جي آڌار تي بي.اي جي ڪورس ۾ بمبئيءَ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو مضمون شامل ڪيو ويو هو. هيءَ رپورٽ ڊي.جي ڪاليج جي مسيلنيءَ ۾ ٽن قسطن ۾ شايع ٿي هئي. ان کان علاوه بمبئي يونيورسٽيءَ جي جرنل ۾ مڪمل شايع ٿي هئي. هيءَ رپورٽ هن وقت اڻ لڀ آهي. ان کان علاوه جوزف شپليءَ جي 1946ع ۾ ايڊٽ ڪيل ENCYCLOPEDIA OF LITERATURE جي پهرين جلد ۾ سنڌي ادب تي مضمون ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو شامل ڪيل آهي. اهڙي طرح، هن ڊي.جي ڪاليج جي ميگزين ”مسيليني“ ۾ ڪي انگريزي ۾ مضمون لکيا هئا ۽ ڪن انگريزي ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا، انهن سڀني کي گڏي هڪ مڪمل ڪتاب تيار ڪري سگهجي ٿو. مگر اهي شيون تلاش ڪير ڪندو؟
5. طيبات/شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي(وفات:1292ع/691هه)
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ انگريزي زبان ۾ سعدي شيرازيءَ کي ” طيبات سعدي“ (1 کان 75 غزلن جو ترجمو ۽ سمجهاڻي)
Persian text with introduction translation and notes by H. M. Gurbaxani Complete Translation of Saadi's Tayyibat
جي نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو 1918ع ۾ يونين اسٽيم پريس لاهور، طرفان ليٿو ڪرايو ويو. (حوالو: ڪيٽلاگ آف انڊيا آفيس لئبرري(واليوم -2، پارٽ 6، فارسي ڪتاب، ص -512)
6. شاهه نامه/ابو القاسم حسن فردوسي
مختيار احمد ملاح هڪ تاريخي سچ تان پردو کنيو آهي.
ReplyDeleteThanks brother
Delete