غلام رباني آگرو: جهڙو گل گلاب جو
![]() |
محمد علي مانجهي |
جن اديبن ۽ ليکڪن سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد سنڌي ادب جو بنياد وڌو انهن ۾
غلام ربانيءَ جو نالو نمايان آهي. شيخ اياز ۽ سائين ابراهيم جويي جو
ساٿي ناليوارو اديب ۽ محقق غلام رباني آگرو، سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو جن
جديد سنڌي ادب، خاص ڪري جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي. ورهاڱي واري دور کان وٺي
عمر جي آخري دور تائين يعني 2010 تائين هو لڳاتار لکندو رهيو. منهنجي خيال ۾ اهڙا
اديب اسان وٽ گهٽ آهن، جن لڳاتار ايترو لکيو ۽ وري سو به معياري لکيو. ڪهاڻيءَ کان
سواءِ تحقيق ۾ به سندس نالو وڏو آهي. هن جنهن به موضوع تي قلم کنيو، اُن سان واهه
جو نڀايو. پوءِ اهو قلندر تي هجي، روضي ڌڻي تي هجي، مخدوم معين ٺٽوي تي هجي يا
ڪنهن ٻئي موضوع تي. مون هڪ ڀيري 2009 ۾ قلندر جي ميلي جي موقعي تي ثقافت کاتي
پاران ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي دعوت جو خط/ڪارڊ موڪلڻ کان پوءِ ساڻس فون رستي
ڳالهايو ۽ ميلي ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پاڻ وراڻيائين ته ”کيس
ڪارڊ ملي چڪو آهي، پر سندس طبيعت خراب هئڻ ڪري هو اچي نٿو سگهي.“ اُن ڏينهن فون تي
ڳالهه ٻول دوران قلندر ۽ خاص ڪري اُن دور جي حالتن تي هن جيڪو ڳالهايو، سو سچ پچ
وسارڻ جهڙو نه آهي، اهو حقيقت ۾ صوفي ازم ۽ قلندر جو عالماڻو تجزيو هو. ڪاش! آئون
اهو سمورو رڪارڊ ڪري سگهان ها. اهو سچ آهي ته سندس وسيع مطالعي ۽ ذهني سگهه جي
بلنديءَ کي ٻڌي آئون دنگ رهجي ويس. اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته رباني صاحب جو وسيع
مطالعو ۽ تجربو ته ڪمال جو هو. مون کيس جڏهن به جنهن موضوع تي ڳالهائيندي ٻڌو يا
پڙهيو ته هميشھ مونکي فخر محسوس ٿيو ته سنڌ ساڻيهه ۾ هيڏي وڏي علمي معيار جا اديب
به آهن. 2009 ۾ ثقافت کاتي پاران سائين محمد ابراهيم جويي جي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾
ملهايل شاندار پروگرام ۾ ساڻس بنهه مختصر ڪچهري ٿي. اُتي ڳالهين ڳالهين ۾ سندس
ننڍپڻ جو ذڪر نڪتو. هن پنهنجي ننڍپڻ جون يادگيريون ٻڌائيندي چيو ته سندس پيءُ
استاد هو. پاڻ پرائيمري تعليم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي هئائين. هو ڏاڍن ڏکن ۽
تڪليفن سان پڙهيو هو. هو اُن جو ذڪر ڪيتري دير تائين ڪندو رهيو. مون دل ۾ سوچيو ته
جيڪو به شخص تڪليفن سان پڙهندو يا ڪو ڪم سِکندو آهي اهو ئي سگهارو انسان هوندو
آهي. اُن ڏينهن هن وڏو ساهه ڀري ٻڌايو هو ته ڪيئن نه هو سردين گرمين ۾ پنڌ ڪري
اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو. بنهه گهٽ سهولتن هوندي به مختلف هنڌن تي تعليم پرائيندو
رهيو. مون سوچيو ڪاش! اسان جا نوجوان هنن عظيم شخصن مان سبق سکي پنهنجو ڪردار ادا
ڪن. سندس زندگيءَ جو مختصر خاڪو پڙهندڙن لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو:
غلام رباني آگرو ولد عبداللطيف آگرو 5
نومبر 1933ع تي ڳوٺ آگري، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم
پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀئونرن جي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. سن1951ع ۾ نوشهري فيروز مان ميٽرڪ جو
امتحان پاس ڪيائين. هن وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. ايل ايل بي ڪراچي مان ڪئي.
شروعات ۾ ٻن سالن تائين نئين زندگيءَ ۾ نوڪري ڪيائين، جنهن جو اُن وقت ايڊيٽر
مولانا عبدالواحد سنڌي هو. گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو
اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 76-1970ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي
ڪم ڪيائين. ادبي بورڊ جي نوڪريءَ دوران 1959ع کان 1964ع تائين ٻارڙن جي رسالي گل
ڦل جو ايڊيٽر رهيو. 1976ع ۾ جڏهن شيخ اياز يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو
تڏهن رباني صاحب کي پرووائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. 1979ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي
پرو-وائيس چانسلر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. وري 1984ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ساڳئي
عهدي تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ وفاقي وزارتِ تعليم ۾ کيس اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي
هو ملڪ جي ممتاز علمي ۽ ادبي اداري اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو پهريائين ڊائريڪٽر،
پوءِ ڊائريڪٽر جنرل ۽ آخرڪار چيئرمين رهيو. وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر واري
عهدي تي به رهيو. تنهن کانپوءِ 1997ع ۾ وري سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري
ٿيو. رباني صاحب ملڪ جي اهم ادبي ۽ علمي ادارن: اقبال اڪيڊمي لاهور، اداره ثقافت
اسلاميه لاهور، اردو لغت بورڊ ڪراچي، قائد اعظم اڪيڊمي ڪراچي، نيشنل بُڪ ڪائونسل
آف پاڪستان اسلام آباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر
رهيو. فلم سينسر بورڊ جو ميمبر به رهيو ۽ ان جي اپيليئيٽ ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ
رهيو. فلمي ايوارڊن جي نيشنل ڪاميٽيءَ ۽ ٽيليويزن ايوارڊن جي قومي ڪاميٽيءَ تي جج
طور به ڪم ڪيائين.
غلام رباني آگري ادب ۾ هڪ ڪهاڻيڪار جي
حيثيت سان شروعات ڪئي. هن ڪيتريون خوبصورت ڪهاڻيون لکيون ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت
سان متعارف ٿيو. ذڪر ٿي چڪو آهي ته غلام رباني آگري جو شمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي
معمارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪهاڻين کي جديد سنڌي ادب م هڪ منفرد ۽ مستند مقام حاصل آهي.
هونئن ته آگري صاحب جون ڪهاڻيون هر لحاظ کان شاهڪار آهن پر مون کي جيڪا ڳالهه سندس
ڪهاڻين ۾ شدت سان نظر آئي، اها آهي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ڀٽائي سان اٿاهه عشق. هن
پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع، پلاٽ ۽ ڪردار گهڻو ڪري پنهنجي ئي سماج مان کنيا آهن. جيڪي
سنڌي سماج ۾ موجود رهيا آهن. توڙي جو ڪي سندس تخيل به آهن پر اُهي به هن ئي سماج
جو چٽو عڪس آهن. جيڪا ڳالهه هو پاڻ به مختلف وقتن تي ڪري ۽ لکي چڪو آهي. 1960ع ۾
سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ”آب حيات“ ۾ آگرو صاحب لکي ٿو ته ”مون پنهنجي ننڍيءَ ڄمار ۾
جيڪي واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا آهن، تن مان ڪن کي ڪهاڻين جو ويس ڍڪائي عام ماڻهن جي اڳيان
پيش ڪيو اٿم. ڪي ڪهاڻيون اهڙيون به آهن، جي رڳو خيالي آهن، هر ڪهاڻيءَ ۾ منهنجي
ڪوشش هر صورت، اها ئي رهي آهي ته ڪوڙ کي سندس اصلي روپ ۾ نروار ڪريان. منهنجي لکڻ
جو مقصد اهو ئي آهي. روح رهاڻ جي سرواڻ محترم حميد سنڌي ساڳئي ڪتاب ”آبِ حيات بابت
ٻه اکر“جي شروع ۾ لکيو ته ”سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب جي واڌاري واسطي، پنهنجي هن
نوجوان اديب سان اسان جون الاهي اميدون وابسته آهن. سنڌ جي اعليٰ مورخ ۽ برگزيده
شخصيت سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي هڪ دوست کي خط ۾ لکيو هو ته ”سنڌي ادب جي
دنيا ۾، اڳتي هلي اسان جو غلام رباني هڪ درخشان ستارو ٿيندو،“. ها اها نيڪ تمنا
واقعي سچ ثابت ٿي. سندس ڪهاڻيون چيني، جرمني، فارسي، اردو، هندي ۽ انگريزي ٻولين ۾
ترجمو ٿي، مختلف ملڪن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. اها به هڪ خوشنصيبي آهي ته سندس ڪهاڻين
کي جرمنيءَ جي جڳ مشهور اديب، عالم ۽ انگريزي، سنڌي، اردو ۽ ٻين ڪيترن ٻولين جي
ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر اينيمري شمل جرمن ۾ ترجمو ڪيو. غلام رباني ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ
لاءِ پڻ ڪافي ڪم ڪيو آهي. هو جڏهن ٻارن جي مشهور رسالي ”گل ڦل“ جو 1959ع کان وٺي
1964ع تائين ايڊيٽر رهيو تڏهن ٻارن لاءِ سوين دلچسپ ليک لکيائين.غلام رباني مختلف
موضوعن تي لاتعداد مضمون، مقالا ۽ ڪيترا ڪتاب لکيا، جن کي سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام
حاصل آهي. خاص طرح سان ”سنڌي ڪلچر- پس منظر ۽ پيش منظر“ عنوان سان سندس فڪري
مضمون، هلال پاڪستان اخبار ۾ قسطوار ڇپيو ۽ مقبوليت ماڻيائين. ”مهراڻ رسالي ۾ سوين
مضمون ۽ مقالا لکيائين، جن مان ”شاهه ولي الله جا مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن خط“ ۽
”قرآن شريف جا ترجما“ خاص حيثيت رکندڙ آهن.
(غلام رباني آگرو بابت دستاويزي فلم)
سندس مشهور ڪتابن ۾ :”آب
حيات“(ڪهاڻيون)، ”چونڊ آمريڪي افسانا“ (سراج ميمڻ سان گڏ)، ”پيار جي پري“
(ڪهاڻيون)، ”سڏ پڙاڏو“، ”ادبي توصيفات“، ”باز جوشڪار“، ”جهڙا گل گلاب جا“ ٻه ڀاڱا
جنهن ۾ شخصي خاڪا ڏنا ويا آهن. اُن جي پهرين ڀاڱي ۾ هن علامه آءِ آءِ قاضي،
عبداللطيف آگري، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد
شاهه، پير حسام الدين راشدي صاحب تي شاهڪار شخصي خاڪا لکيا آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ شيخ
عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومري، نواب نور احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد
گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، حافظ عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي،
صديق سالڪ، ايڇ ٽي لئمبرڪ، محمد امين کوسي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، سائين محمد
ابراهيم جويي، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غني خان جي زندگيءَ جو ڀرپور
احوال ڏيئي تذڪري جي دنيا ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. ”سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽
پهاڙ“ ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن. سنڌ جا بَر بَحر ۽ پهاڙ هڪ اهڙو سوانحي ڪتاب آهي جو
پڙهڻ سان آگري صاحب جي مطالعي، مشاهدي، فڪر، ساڃاهه ۽ تحقيقي معيار جي پرک پوي ٿي.
هن ڪتاب ۾ پير سائين روضي ڌڻي، غوث بهاوالحق ۽ قلندر لعل شهباز تي آگري صاحب تمام
گهڻي محنت ڪري اهڙي معلومات مهيا ڪئي آهي جو جنهن لاءِ جيتري به کيس آفرين چئجي
اها گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته نه رڳو انهن متعلق مواد جي کوٽ رهي آهي پر انهن جي فڪر کي
سمجهي اسان آڏو پيش ڪرڻ به هڪ ڏکيو ڪم آهي. هو پاڻ ئي لکي ٿو ته مون هن ڪتاب جو
ورق ورق ڏاڍي توجهه سان لکيو آهي. ڪوشش ڪئي اٿم ته سنڌ جي اعليٰ شخصيتن جو گهڻي کان
گهڻو مستند احوال جمع ڪريان پر اهڙي ڪا به روايت بيان نه ڪريان جيڪا غير مصدقه
هجي. اهو ڪم سولو ڪو نه هو.“ (سنڌ جا بَرَ، بَحَر، پهاڙ صفحو 404) جيڪو هن ڪري
ڏيکاريو.
پنجابي ادبي بورڊ لاهور پاران 1986ع ۾
کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو. سندس شاندار ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس صدارتي ايوارڊ
”تمغه امتياز“ سان به نوازيو ويو. ان کان علاوه کيس شاندار خدمتن جي عيوض ٻيا به
ايوارڊ ۽ اعزاز مليا. هو دنيا جا ڪيترائي ملڪ جن ۾ ايران، چين، بنگلاديش ۽ ڀارت
مختلف وقتن تي پاڪستاني اديبن جي اڳواڻي ڪندي گهمي آيو. ان کان سواءِ ڪيترن ئي
قومي ۽ ٻين الاقوامي ڪانفرسن ۽ سيمينارن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو.
غلام رباني آگري جا اهم ڪتاب:
No comments:
Post a Comment