Wednesday, 16 January 2019

D. J. Sindh Government Science College Karachi



ڏيا رام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج، ڪراچي
ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر
انگريزن هندستان جي ٻين پرڳڻن جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي دير سان فتح ڪيو، جنهن سبب سنڌ ۾ جديد تعليم لاءِ ڪوششون به دير سان ورتيون ويون. انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم ڏني ويندي هئي. اُنهن ڏينهن ۾ آخوند مڪتب هلائيندا هئا ۽ مڪتبن ۾ فارسي پڙهائڻ تي خاص زور هوندو هو.
سنڌ ۾ انگريزي تعليم جي لاءِ سڀ کان پهرين ڪوشش حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪئپٽن رٿبورن 1845ع ۾ ورتي، هن هندستان سرڪار کي ساليانو ٽي هزار رپين جي منظوريءَ لاءِ لکپڙهه ڪئي. پر ان تي کانئس مختلف سوال پڇيا ويا. اصل مسئلو استادن جي کوٽ ڄاڻايو ويو. هو ٽي سال لک پڙهه ڪندو رهيو. سنڌ گزيٽيئر موجب "ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊيءَ کي ڪاميابي ملي وئي ۽ هن جي ڪوشش سان 1946ع ۾ فري اسڪول جوڙيو، جيڪو هڪ مقامي ڪميٽيءَ کي ان شرط سان ڏنو ويو ته تعليم ۽ تربيت عيسائي مذهب موجب ٿيندي. ان ۾ انجيل به شامل هوندو. اهو اسڪول 1853ع ۾ ساڳين شرطن تي چرچ مشن سوسائٽيءَ کي سونپيو ويو. ... شڪارپور ۾ به هڪڙو انگريزي اسڪول کوليو ويو ۽ اهو ڪئپٽن گولڊ سمڊ جي نظرداريءَ هيٺ هلندو هو . نيٺ بمبئي بورڊ آف ايجوڪيشن سنڌ ۾ تعليم کاتو جوڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ اٽڪل ساڳئي وقت، سنڌي ٻوليءَ کي صوبي جي سرڪاري ٻولي بڻائڻ جي حمايت ۾ به هلچل هلندڙ هئي".
1853ع ۾ سنڌيءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرڻ کانپوءِ 1855ع ۾ سنڌ ۾ پهريون سرڪاري اسڪول نارائڻ جڳن ناٿ  وديا (اين جي وي) جي نالي سان کوليو ويو. جنهن ۾ پڙهندڙ اڪثر شاگرد هندو هئا، جو ڪراچيءَ ۾ سندن اڪثريت رهندي هئي، پر اسڪول ۾ ڪنهن جي داخلا تي پابندي نه هئي. 
اين جي اي اسڪول ڪراچي
انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ پرائمري ۽ ثانوي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويو پر ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ واري پاسي ڪو خاص ڌيان نه پئي ڏنو ويو، جنهن سبب سنڌ جا شاگرد تمام گهڻي تڪليف ڪري بمبئي امتحان ڏيڻ ويندا هئا، صرف مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ انهن کي ٽي ٽي مهينا سفر ڪرڻو پوندو هو.
1857ع ۾ بمبئي يونيورسٽي جي قيام کان ويندي سنڌ ڪاليج (بعد ۾ ڊي جي  سنڌ ڪاليج) جي قيام تائين سنڌ جي تيرهن شاگردن ايلفسٽن ڪاليج ۾ پڙهي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ امتحان ڏنو. انهن ۾ (1) چوهڙ مل ڪندن مل پنجابي ، 1865ع، (2) سيٺ نائون مل جو پوٽو آلو مل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، 1867ع، (3) مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ مرزا صادق علي فريدون بيگ، 1872ع، (4) ٽيڪچند اوڌؤداس واسواڻي، 1875، (5) ڏيارام گدو مل شهاڻي، 1878ع، (6) هرچند راءِ وشنداس ڀارواڻي، 1882ع، (7) ٽهلرام کيمچند وزيراڻي، 1884ع، (8) بولچند ڪوڏو مل جڳتياڻي، 1884ع، (9) هيرانند کيم سنگهه آڏواڻي، 1886ع، (10) مٿرا داس جواهري، 1886ع، (11) همت سنگهه گج سنگهه آڏواڻي، 1886ع، (12) دلپتراءِ روچيرام لالواڻي، 1886ع، ۽ (13) وزير مل اُتمچند لالواڻي، 1887ع، شامل آهن. انهن کانسواءِ به ٻن ٻين شاگردن جو ذڪر ملي ٿو.
ڏيارام گدو مل جو سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل ڪيس:
         سنڌ سڀا مان حسن علي آفنديءَ جي وڃڻ جي باوجود ڏيا رام گدو مل سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ بنهه مايوس نه ٿيو، لارڊ رپن کي مان پتر ڏيڻ کانپوءِ هن هندستان ۾ تعليم جي سڌارن لاءِ قائم ڪيل ڪميٽيءَ کي سنڌ ۾ ڪاليج ڇو ۽ ڇا لاءِ ٺهڻ گهرجي؟ جي سلسلي ۾ جيڪو ڪيس تيار ڪيو هو، اهو 1885ع ۾ هڪ ڪتابڙي جي صورت ۾ شايع به ٿيو هو، جنهن جو ترجمو گل محمد عمراڻيءَ ڪيو آهي ۽ اهو سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل "سنڌي ٻولي" جي جنوري _ مارچ 2012ع واري شماري ۾ شايع ٿيو آهي. 
ڏيا رام گدو مل شاهاڻي

جنهن ۾ ڏيا رام گدو مل دليل ڏئي ثابت ڪيو آهي ته سنڌ ۾ انگريزي تعليم ۽ سنڌ ۾ هڪ ڪاليج جو قيام اڻٽر آهي. سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل ڪيس جي مهڙ ۾ هارٽ ڊيوز کي لکيل خط ۾ ڏيا رام گدو مل لکي ٿو ته "اِهو منهنجو پُختو اعتقاد آهي ته ڪاليجي تعليم اهم سياسي ضرورت آهي، اسان وٽ ٽي رستا آهن. (1) ڪجهه به نه پڙهائجي، (2) ٿورو پڙهائجي، (3) تمام گهڻو پڙهائجي. پهرين واٽ تي هلڻ جو مطلب ٿيندو ته هر قسم جي ترقيءَ کان انڪار، ٻي واٽ خطر ناڪ آهي، جو اڻپوري ڄاڻ هميشه خطر ناڪ هوندي آهي ۽ آخري واٽ نه منفي آهي نه خطر ناڪ. انهيءَ ڪري اِهو متبادل رستو هر حال ۾ اختيار ڪرڻو پوندو ۽ ان کي قبول ڪرڻ جو مطلب اهو ئي آهي ته سنڌ ڪاليج قائم ڪرڻا پوندا".
سنڌ ڪاليج ڪراچي:
                ديوان ڏيارام گدو مل بمبئيءَ ۾ رهي سمجهي چڪو هو ته سنڌ جي ترقيءَ جو دارو مدار انگريزي تعليم تي آهي. سنڌ ۾ تنهن دؤر ۾ اسڪول ته گهڻا کُلي چڪا هئا، پر ڪاليج نه هئڻ سبب شاگرد مئٽرڪ کان مٿي پڙهي نه پئي سگهيا، مئٽرڪ جو امتحان به بمبئي ۾ ٿيندو، جنهن لاءِ گهڻو وقت لڳي ويندو هو. سنڌ ۾ هڪ آرٽس ڪاليج قائم ڪرڻ ڏيا رام گدو مل جي زندگيءَ جو مقصد بڻجي چڪو هو. ان دوران هو سنڌ سڀا ۾ به مصروف رهيو ۽ سنڌ سڀا کي به ان مقصد لاءِ ڪتب آندائين. سنڌ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن پنهنجي دوستن مان جڏهن ڏيا رام ڄيٺمل سان صلاح ڪئي ته هن کي پهريائين اها ڳالهه نه پئي آئڙي. سندس چوڻ هو ته ڪاليج تي تمام وڏي رقم خرچ ٿيندي. ٻيو ته سنڌ ۾ ڪاليجي تعليم حاصل ڪرڻ وارا شاگرد به ٿورا آهن. پروفيسر شيوا رام ڦيرواڻيءَ موجب " ڏيارام به سولو هٽڻ وارو ڪونه هو. چيائينس پئسن کان توهين ڇُٽا؛ مان دادي ميٺارام (ڏيار رام گدو مل جو وڏو ڀاءُ) جي مدد وٺندس. لکپڙهه کان به توهين ڇُٽا، اها به مون پاڻ تي کنئين. رڳو اسان سان ٻِٽُ ٿي بيهجو".
انگريز سرڪار انڊين ايجوڪيشن ڪميشن هيٺ 5 نومبر 1882ع تي سنڌ ۾ ڪاليج جي قيام جي اصولي منظوري ڏني. جنهن لاءِ سنڌ جي تڏهوڪي ايجوڪيشن انسپيڪٽر ايڇ پي جيڪب به گهڻي مدد ڪئي. ڏيا رام گدو مل سنڌ ۾ ڪاليج جي قيام لاءِ چندو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي، جنهن ۾ ديوان اوڌا رام مولچند، ڏيا رام ڄيٺمل، رائو صاحب ديوان ميٺا رام گدو مل ، ديوان فتح چند چنديرام، ديوان واڌو مل اوڌا رام، سيٺ هر چند راءِ وشنداس ۽ خانصاحب پستونجي بيرم جي ڪوتوال ۽ ٻيا سندس شروعاتي ساٿي بڻيا. ڏيا رام گدو مل جي ڀاءُ ديوان ميٺا رام کيس آٿت ڏني ته ڪاليج لاءِ هو سندس هر ممڪن مدد ڪندو.، جيڪا هن اڳتي هلي وڏي خوشيءَ سان ڪئي. ڏيا رام سنڌ ۾ ڪاليج جي قيام لاءِ چندو گڏ ڪرڻ واسطي مختلف وقتن تي سنڌ جي ماڻهن کي اپيلون ڪيون، جنهن جي ماڻهن کيس تمام سٺي موٽ ڏني.
                سنڌ ۾ تعليم جي ضرورت ۽ بمبئيءَ ۾ سنڌ جي شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ديوان ڏيا رام گدو مل، ديوان ٽهلرام کيمچند وزيراڻي ۽ سيٺ هرچند راءِ وشنداس کي ان ڪري وڌيڪ احساس هو، جو اُهي انهن مرحلن مان گذري چڪا هئا. سنڌ ڪاليج جي سلسلي ۾ انهن ٽن خاندانن سڀ کان گهڻي سرگرمي ڏيکاري، انهن خاندانن دل کولي نه رڳو پاڻ پر مٽن مائٽن، دوستن، يارن کان به وڏا چندا وٺي، ڪاليج جي قيام لاءِ بنيادي رقم گڏ ڪري ورتي. سنڌ ڪاليج لاءِ جيڪو چندو گڏ ٿيو، ڏيا رام گدو مل ان جو سڄو حساب ڪتاب لکندو ويو. جيڪو پروفيسر ايل ايڇ اجواڻيءَ 1939ع ۾ سنڌ ڪاليج (ڏيا رام ڄيٺمل) جي گولڊن جوبليءَ جي موقعي شايع ٿيل “گولڊن جوبلي ڪتاب” ۾ تفصيل سان شامل آهي. ان تفصيل موجب مٿين ٽن خاندانن کانسواءِ ڪراچيءَ جي پارسين، سڄي سنڌ جي هندو پنجائتن، هندو واپارين، سرنديءَ وارن چندو ڏنو. تنهن دؤر ۾ حسن علي آفنديءَ مسلمانن کي اپيل ڪئي هئي ته اهي سنڌ ڪاليج لاءِ چندو ڏيڻ بدران سنڌ مدرسي لاءِ چندو ڏين. جنهن سبب سنڌ جي ايڪڙ ٻيڪڙ مسلمانن ڪاليج لاءِ چندو ڏنو هو. شروعاتي طور ٽيهه هزار چندو گڏ ٿيو ته بمبئي سرڪار اهو چئي ڪاليج جي اجازت نه ڏني ته اها رقم گهٽ آهي. ان کانپوءِ ڏيا رام گدو مل ٻيهر چندي لاءِ اپيلون ڪرڻ کانسواءِ پاڻ به چندي لاءِ سنڌ جي دوري تي نڪري پيو. هن وڏي جاکوڙ ڪري 90 هزار چندو گڏ ڪيو، جڏهن ته سنڌ جي مڪاني ادارن پڻ ساليانو 10 هزار 850 رپيا امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ 1886ع ۾ ‘سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن’ قائم ڪئي وئي، جو حڪومت ڪاليج جي لاءِ فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
سنڌ آرٽس ڪاليج جو بنياد 17 جنوري 1887ع تي سول اسپتال ڀرسان بندر روڊ تي ٺٽائي ڪمپائونڊ جي هڪ بنگلي ۾ رکيو ويو، اهو بنگلو ٻن ڊپٽي ڪليڪٽرن ديوان شيونداس ۽ ديوان ٽيڪمداس جي ملڪيت هو، سنڌ ڪاليج جو افتتاح لارڊ ري ڪيو. ان بنگلي ۾ پهرين ماڙ تي ڪلاس ۽ هيٺ پرنسپال آفيس هوندي هئي. سنڌ ڪاليج جو پهريون پرنسپال هڪ انگريز ڊاڪٽر ايم آر وامسلي هو، جيڪو بنيادي طور انجنيئر هو ۽ اڳتي هلي کيس احساس ٿيو ته هن آرٽس ڪاليج ۾ اچي غلطي ڪئي آهي. هو ڪاليج جي ڀرسان هڪ هوٽل ۾ رهندو هو. ڪاليج هڪ پرنسپال سميت پنجن پروفيسرن سان شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ 28 شاگردن داخلا ورتي. ڪاليج جو پهريون وائيس پرنسپال هر دلعزيز پارسي پروفيسر (برجو جي جماسجي پادشاهه) بِي. جي. پادشاهه هو، هو انتهائي ملنسار ۽ فقير منش انسان هو. پروفيسر پادشاهه منطق، تواريخ ۽ فلسفو پڙهائيندو هو. پروفيسر ڀيم ڀائي جيون جي نائڪ حساب، پروفيسر راجواڙي سنسڪرت ۽ انگريزي، مرزا مخلص علي خان فارسي ۽ عربيءَ جو پروفيسر هو. بمبئي يونيورسٽيءَ 14 اپريل 1887ع تي سنڌ آرٽس ڪاليج جو ڳانڍاپو منظور ڪيو. مارچ 1888ع ۾ شاگردن جو تعداد وڌي 49 تي پهتو. ڪاليج جي پهرين بيچ ۾ ڪوبه شاگرد ننڍي عمر وارو نه هو، شاگردن جي عمر 20 کان 35 سالن جي وچ ۾ هئي. شاگردن جو تعداد وڌڻ سبب اپريل 1889ع ۾ ان کي بندر روڊ تي سنڌي جيم خاني لڳ ڊنشا خاندان جي هڪ ٻه ماڙ وڏي بنگلي ۾ منتقل ڪيو ويو. ڏيا رام ڄيٺمل جي ديهانت کانپوءِ سندس پٽن دولترام ڄيٺمل ۽ بولچند گدو مل 17 مئي 1891ع تي سنڌ ڪاليج بورڊ جي گڏجاڻيءَ ۾ 25 هزار رپيا چندو ان شرط تي ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ته ڪاليج جو نالو سندن والد ‘ڏيا رام ڄيٺمل’ سان منسوب ڪري ‘ڏيا رام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج’ رکيو ويندو، بورڊ سندن آڇ منظور ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت ساڳئي ڏينهن کان سنڌ آرٽس ڪاليج جو نالو ‘ڊي جي سنڌ ڪاليج’ پئجي ويو. 
ڏيا رام ڄيٺمل 
               ڊي  جي ڪاليج جي موجوده عمارت جي پيڙهه جو پٿر هندستان جي وائسراءِ لارڊ ڊفرن پنهنجي زال ليڊي ڊفرن سان گڏ 15 نومبر 1887ع تي رکيو، 16 هزار 485 چورس والن تي موجوده عمارت پنجن سالن اندر تيار ٿي وئي ۽ 1892ع ۾ ڪاليج هتي منتقل ڪيو ويو. جنهن جو افتتاح سنڌ جي ڪمشنر جيمس 15 آڪٽوبر 1892ع تي ڪيو. ڪاليج جي عمارت جو نقشو ڪي ايم سي جي سيڪريٽري انجنيئر جي اسٽريچن تيار ڪيو، جنهن ڪري ڪاليج جي سامهون واري روڊ جو نالو اسٽريچن روڊ رکيو ويو، جيڪو اڄ به ان نالي سان سڏجي ٿو. ڊاڪٽر وامسلي جي وڃڻ کانپوءِ سندس صلاح تي جنوري 1897ع  ۾ پرنسپال ڊاڪٽر ايم جي جئڪسن کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته وائيس پرنسپال پادشاهه ئي رهيو. هنن ٻنهي ڏينهن رات محنت ڪري ڪاليج کي مضبوط تعليمي ادارو نڻايو. سندن دؤر ۾ ڪاليج تمام گهڻي ترقي ڪئي.
سنڌ ڪاليج مئنجمينٽ بورڊ:
                سنڌ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ ڏيا رام گدو مل ‘سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن’ ٺاهي هئي، پر جڏهن ڪاليج قائم ٿيو ته ان جو وهنوار هلائڻ لاءِ 17 جنوري 1887ع تي ‘سنڌ ڪاليج مئنجمينٽ بورڊ’ جوڙيو ويو. جنهن ۾ سرڪار ۽ ميونسپالٽين جي نمائندن کانسواءِ سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن جا ميمبر به رکيا ويا. بورڊ جي جوڙجڪ هن ريت هئي.
ايڪس آفيشو ميمبر: سنڌ جو ڪمشنر (بورڊ جو صدر)، سنڌ جو جوڊيشل ڪمشر (نائب صدر) ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ۽ ڪراچي ڪئنالس جو انجنيئر (ميمبر(
سرڪار پاران مقرر ڪيل ميمبر: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪراچي ۽ سمال ڪازز ڪورٽ جو جج.
سنڌ ڪاليج ايسوسيئيشن جا چونڊيل نمائندا: اُڌا رام مولچند، دولترام ڄيٺمل، ٽهلرام کيمچند وزيراڻي، سيٺ هر چند راءِ وشنداس، آلو مل ٽيڪمداس ۽ پسٽنجي بئرامجي ڪوتوال.
سنڌ ڪاليج جا اڏيندڙ

سنڌ جي ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊ جا عيوضي: واڌو مل چنديرام، ڊپٽي ڪليڪٽر ڪراچي (ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو نمائندو)، فيض محمد فتح علي (ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، نولراءِ شوقيرام، ڊپٽي ڪليڪٽر حيدرآباد (حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، جي ايڇ ائيلن (سکر ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، دولترام صورت سنگهه، پبلڪ پراسيڪيوٽر شڪارپور (شڪارپور ميونسپالٽيءَ جو نمائندو)، پارو مل خوبچند (اپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو نمائندو)، ۽ ڊاڪٽر آر ايم وامسلي، پرنسپال سنڌ آرٽس ڪاليج (صلاحڪار ميمبر ۽ بورڊ جو سيڪريٽري)
                سنڌ آرٽس ڪاليج بورڊ جي جوڙجڪ ظاهر ڪري ٿي ته ان ۾ سڄي سنڌ کي نمائندگي ڏنل هئي، ٻيو ته ديوان ڏيا رام گدو مل جي ڊائرين مان پتو پوي ٿو ته سنڌ جي سمورن آفيسرن، ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ چندو ڏنو. ڪاليج بورڊ جي اها جوڙجڪ ورهاڱي تائين رهي.

ميٺا رام هاسٽل:
                ڊي . جي ڪاليج نئين عمارت ۾ منتقل ٿيڻ کانپوءِ شاگردن جو تعداد وڌڻ لڳو، سڄي سنڌ ۾ هڪ ڪاليج هئڻ سبب ڌار ڌار علائقن جي شاگردن هتي داخل ٿيڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري. هندن جا ٻار گهڻي ڀاڱي ذاتي يا مسواڙي جاين ۾ رهڻ لڳا، پر اصل مسئلو پوئتي پيل هندن ۽ مسلمانن جو هو. ٻيو ته 1885ع ۾ سنڌ مدرسو قائم ٿيڻ جي ڪري به سنڌ ڪاليج ۾ شاگردن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو، انهن شاگردن ۾ اڪثريت ٻهراڙين جي مسلمانن جي هئي. اها کوٽ محسوس ڪري ڪاليج جي وائيس پرنسپال پادشاهه ڪاليج جي سامهون خالي پيل ميدان تي هاسٽل اڏڻ جي تجويز ڏني، جيڪا رقم نه هئڻ سبب مشروط طور قبول ڪئي وئي ته هاسٽل لاءِ رقم جو بندو بست به پروفيسر پادشاهه پاڻ ڪندو، هن اهو شرط قبول ڪيو ۽ هڪ ڏينهن ديوان ڏيا رام گدو مل جي وڏي ڀاءُ ديوان ميٺا رام جي گهر حيدرآباد هليو ويو، جنهن کان هو ڀوڳن ڀوڳن  ۾ 15 هزار رپيا وٺي آيو. جڏهن ته خيرپور جي مير به 5 هزار رپيا چندو ڏنو، ڪجهه چندو ڏيا رام گدو مل پاڻ ۽ سندس دوستن به ڏنو، پر هاسٽل جي اڏاوت لاءِ اها رقم اڻپوري هئي، اوچتو سندس ذهن ۾ خيال آيو ته ڇو نه ڪاليج ۾ ڊراما رچائي رقم گڏ ڪئي وڃي.
ميٺا رام هاسٽل
ڊي  جي  سنڌ ڪاليج جون تعليمي خدمتون:
                ڊاڪٽر جئڪسن ۽ پروفيسر پادشاهه جي اڻٿڪ محنت سبب ڊي جي سنڌ ڪاليج سڄي هندستان ۾ نالو ڪڍيو. 1892ع بمبئي يونيورسٽيءَ جي پهرين امتحان ۾ هن ڪاليج جي شاگرد ڪي بي (کٽو مل بولچند) شاهاڻيءَ بي اي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حاصل ڪري سنڌ جو مان مٿاهون ڪيو. مس متيلڊا هنٽ 1895ع ۾ ايم اي جو امتحان پاس ڪري سنڌ جي پهرين شاگردياڻي ۽ پهرين ايم اي پاس جو اعزاز ماڻيو. هن ڪاليج جا ٽي شاگرد ڪي اي ڀوڄواڻي، مسٽر واز ۽ ٽي ٽي سوڍا هن ڪاليج مان پڙهيل سنڌ جا پهريان شاگرد هئا، جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ برطانيا ويا.
سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جا اوائلي پرنسپال

1896ع ۾ ڊاڪٽر جئڪسن موڪل تي ويو ته پرنسپال جي چارج مارش هيس ڪيٿ کي ڏني وئي، جيڪا ڳالهه پروفيسر پادشاهه کي نه آئڙي ۽ هو انتظاميا سان اختلاف ڪري استعيفيٰ ڏئي، ٽاٽا انڊسٽريز ۾ هليو ويو. جيڪو تنهن دؤر ۾ وڏو نقصان ليکيو ويو. ساڳئي سال ڪاليج کي ٻيو وڏو ڌچڪو ڪراچيءَ ۾ پليگ سبب لڳو، سڄو شهر خالي ٿيڻ لڳو ۽ ڪاليج کي عارضي طور حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. پروفيسر پادشاهه جي جاءِ تي پروفيسر نائيڪ وائيس پرنسپل بڻيو. جيڪو اڳتي هلي، ميٺا رام هاسٽل جو پهريون سپرنٽينڊنٽ به ٿيو. شيخ عبدالستار لطف علي پهريون مسلمان شاگرد هو، جنهن هن ڪاليج مان 1919ع ۾ انٽر سائنس ۾ پاس ڪئي.
 1918ع تائين هن ڪاليج جا 5 ئي پروفيسر اعليٰ تعليم يافته يورپي هئا. اي سي مِلر جي وڃڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو 1918ع ۾ ايس سي شاهاڻي (صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻي) پهريون سنڌي پرنسپال بڻيو. هو ان کان اڳ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو ۽ 1916ع کان 1917ع تائين وقتي پرنسپال به رهيو هو. ايس سي شاهاڻي 1927ع تائين ڪاليج جو پرنسپال رهيو. سندس وڃڻ کانپوءِ اين بي بوٽاڻي ڪاليج جو پرنسپال بڻيو. سندس دؤر ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي وائيس پرنسپال ۽ آرٽس فيڪلٽيءَ جو ڊين هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ اين بي بوٽاڻي پاڻ ۾ ڪڏهن به ڪونه ٺهيا، ڇو ته لنڊن مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر گر بخشاڻي پرنسپال جي عهدي جي دعويٰ ڪئي، جنهن تي ٻنهي وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿيا. ڊاڪٽر گربخشاڻي فارسي ۽ اين بي بوٽاڻي فزڪس پاڙهيندو هو. ڊي  جي  ڪاليج کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سنڌ جو پهريون آءِ سي ايس مسٽر سوڍا هن ڪاليج جو شاگرد هو، جڏهن ته پهريون سنڌي آءِ سي ايس ايڇ ڪي ڪرپلاڻي به هن ڪاليج شاگرد هو، جنهن سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪاليج جي گولڊن جوبلي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٻيو سنڌي آءِ سي ايس اين پي ٿڌاڻي به هتان جو شاگرد هو.
سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جا اوائلي وائيس پرنسپال
اڳوڻو انجيئرنگ ڪاليج ۽ هاڻوڪي اين اي ڊي يونيورسٽي:
          جنهن جڳهه تي هاڻي حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج آهي، اڳي اُتي سرويئرن جي ٽريننگ لاءِ انجيئرنگ جا ڪلاس هلندا هئا، ڊي جي ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر جئڪسن انجنيئر هو، جنهن جي صلاح تي اهي ڪلاس 1888ع ۾ حيدرآباد مان ڊي جي ڪاليج ۾ آندا ويا. تڏهن سنڌ ۾ انجنيئرنگ ۾ ڪا ڊگري يا ڊپلوما ڪانه ملندي هئي، ان ڪري سيٺ وشنداس نهالچند ڪاليج ۾ اندسٽريل شعبو قائم ڪرڻ لاءِ 15 هزار رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي، پر ان رٿا تي عمل نه ٿي سگهيو.
اين اي ڊي ڪاليج ڪراچي
                ايس سي شاهاڻي جڏهن ڊي جي سنڌ ڪاليج پرنسپال ٿي آيو ته ڪاليج ۾ قائم انجنيئرنگ، قانون ۽ آرٽس جي شعبن کي ڌار ڪاليج جو درجو ڏيڻ جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني. تنهن دؤر ۾ سکر بئراج جو اڏاوتي ڪم شروع ٿيڻ وارو هو، جنهن لاءِ انجنيئرن جي سخت ضرورت هئي. شاهاڻي صاحب ان موقعي مان فائدو وٺندي 29 آگسٽ 1921ع ۾ ڊي . جي ڪاليج ۾ انجيئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي رٿا پيش ڪئي، جيڪا سنڌ جي ڪمشنر وسيلي بمبئيءَ يونيورسٽيءَ کي پيش ڪئي وئي، جو ڊي  جي ڪاليج بمبئي يونيورسٽيءَ سان سلهاڙيل هو، يونيورسٽيءَ خراب مالي حالتن سبب سنڌ ڪاليج بورڊ کي انجيئرنگ ڪاليج جي اجازت نه ڏني. شاهاڻي صاحب نااميد نه ٿيو ۽ ان دوران هو پارسي واپاري جمشيد مهتا جي مدد سان ايڊلجي ڊنشا کان ڏيڍ لک، سيٺ هرچند راءِ وشنداس جي خاندان کان 40 هزار رپيا چندو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته پرنس آف ويلز فنڊ مان به کيس 50 هزار رپيا مليا. اهڙيءَ ريت ايس سي شاهاڻي 1922ع ۾ اين اي ڊي ڪاليج کولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪاليج جو نالو نادرشا ايڊلجي ڊنشا (اين اي ڊي) نالي پويان رکيو ويو. نارٿ ويسٽرن ريلوي جو رٽائرڊ انجنيئر راءِ صاحب ڀوپتاري اعزازي طور ڪاليج جو پرنسپل ٿيڻ لاءِ راضي ٿيو. جنهن کانپوءِ پبلڪ ورڪس کاتي جي انجنيئر جي اين گوڪلي کي انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو. بمبئي يونيورسٽيءَ 23 مئي 1923 تي اين اي ڊي ڪاليج جو الحاق منظور ڪيو. پهرين سال ڪاليج ۾ 23 شاگردن کي داخلا ڏني وئي. 1947ع ۾ سنڌ حڪومت اين اي ڊي ڪاليج جو نالو تبديل ڪري اين اي ڊي گورنمينٽ انجنيئرنگ ڪاليج رکيو ۽ ان جو الحاق بمبئي يونيورسٽيءَ سان ختم ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ سان ڪري ڇڏيو. 1964ع ۾ اين اي ڊي ڪاليج جو الحاق ڪراچي يونيورسٽيءَ سان ڪيو ويو. پهرين مارچ 1977ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي اين اي ڊي کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو.
ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج:
                ڊي جي ڪاليج ۾ قانون جا ڪلاس 1890ع ۾ شروع ٿيا. جنهن لاءِ سنڌ جي مشهور قانوندان ۽ ڪاليج جي بانين مان هڪ ٽهلرام کيمچند وزيراڻيءَ پنهنجون خدمتون استاد طور پيش ڪيون، قانون جو شعبو 1908ع تائين يونيورسٽيءَ پاران ختم ڪرڻ تائين ڪم ڪندو رهيو. ايس سي شاهاڻي، اين اي ڊي ڪاليج جي ڪامياب تجربي کانپوءِ قانون لاءِ ڌار ڪاليج قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي منظوريءَ کانپوءِ ساڳئي عملي جي مدد سان شاهاڻي صاحب 1926ع ۾ ڊي . جي ڪاليج جي عمارت ۾ ئي شام جو ‘سنڌ ڪاليجٽ بورڊ لا ڪاليج’ قائم ڪيو. اڳتي هلي بورڊ ايس سي شاهاڻيءَ جي تعليمي خدمتن سبب اهو ڪاليج سندس نالي سان منسوب ڪيو. ورهاڱي تائين هي ڪاليج ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج جي نالي سان هلندو رهيو. 1946ع ۾ حسن علي عبدالرحمان سنڌ مدرسي ۾ سنڌ مسلم ( ايس ايم) لا ڪاليج قائم ڪري ورتو هو، ورهاڱي سبب جڏهن ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج ۾ پڙهائيندڙ سمورا هندو استاد هتان لڏي ويا ته هن ڪاليج کي بند ڪيو ويو، پر بئريسٽر حسن علي عبدالرحمان، سنڌ مسلم (ايس. ايم) لا ڪاليج، ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج  ۾ منتقل ڪيو، جنهن بعد ان جو نالو ايس ايم لا ڪاليج پئجي ويو.
اين اي ڊي ڪاليج ڪراچي

سنڌ آرٽس ڪاليج:
            شاهاڻي صاحب جي دؤر ۾ نه رڳو سائنسي تعليم پر آرٽس جي تعليم تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. آرٽس جي شعبي کي مکيه عمارت مان ڪڍي ڊي جي ڪاليج جي آڏو سنڌ سيڪريٽريٽ ويندڙ روڊ تي ڪراچي ميوزيم واري جاءِ خريد ڪري ان ۾ منتقل ڪيو ويو. آرٽس شعبي جو ڊين پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو. جيڪو اڳتي پرنسپال بٽاڻيءَ سان گڏ وائيس پرنسپال  ۽ ڊين آف آرٽس به رهيو. ورهاڱي کانپوءِ ڊي جي آرٽس ڪاليج واري عمارت تي قبضو ڪري ان ۾ سنڌ مسلم آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج قائم ڪيو ويو. جيڪو اڃا تائين قائم آهي.
اڳوڻو سنڌ آرٽس ڪاليج ۽ هاڻوڪو ايس ايدم آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ڪراچي

زرعي ڪاليج جو خيال:
 شاهاڻي صاحب حقيقي تعليم دان هو، هو نه رڳو روشن خيال هو پر سندس نظر مستقبل جي تعليمي ضرورتن تي هئي، هن کي اهو احساس هو ته سنڌ زرعي طور خوشحال پرڳڻو آهي، ان لاءِ اڳتي هلي زرعي ماهرن جي ضرورت پوندي، ان مقصد لاءِ هن بورڊ آڏو ‘سنڌ زرعي ڪاليج’ قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ۽ زرعي ڪاليج ۽ زرعي فارم لاءِ هن برنس گارڊن (موجوده نيشنل ميوزيم) وارو ميدان ڏيڻ آڇيو، پر کيس ان جي منظوري نه ملي سگهي ۽ سندس اهو خواب اڻپورو رهجي ويو.
برنس گارڊن ڪراچي
ڇوڪرين جي تعليم:
                ڏيا رام گدو مل جو خواب هو ته سنڌ جي هر ڪنڊ پاسي ۾ رهندڙ سمورين جاتين جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اعليٰ تعليم حاصل ڪري ڌرتيءَ جي خدمت ڪن. سندس ان خواب کي حقيقت جو روپ ڏيندڙن ۾ ايس سي شاهاڻي مکيه ماڻهو هو، جنهن هڪ تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ سنڌ ۾ تعليم جي کوٽ کي محسوس ڪيو. 1921ع تائين سنڌ ۾ فقط 7 ڇوڪريون اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪيون هيون، 1922ع ۾ اهو تعداد 12 تي پهتو، شاهاڻي صاحب جي همٿائڻ سبب سندس رٽائرمينٽ (1927ع) وقت ڪاليج ۾ ڇوڪرين جو تعداد 39 تي پهچي ويو. شاهاڻي صاحب پنهنجي نياڻين، پوٽين ۽ ڏوهٽين کي به ڪاليج ۾ داخل ڪرائي مثال قائم ڪيو. ان کان اڳ سنڌي ڇوڪريون مئٽرڪ کان اڳتي تعليم حاصل نه ڪنديون هيون. هن ذاتي ڪوششون وٺي ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ کي ڊي . جي    ڪاليج ۾ داخل ڪرايو، جنهن اڳتي هلي سنڌ جي سياست ۾ بهرو ورتو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين عورت ڊپٽي اسپيڪر ٿي. ورهاڱي کانپوءِ هوءَ هندستان ۾ به اعليٰ پائي جي سياستدان ليکي وئي.
ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪندڙ ڪجهه عورتون

ڊي  جي  ڪاليج  ۾سنڌي ٻوليءَ جي تعليم :
ڊي جي ڪاليج جي مکيه عمارت مڪمل طور تي سائنس جي مضمونن لاءِ مخصوص ڪئي وئي. جڏهن ته آرٽس جي شعبي لاءِ وڪٽوريه ميوزيم واري عمارت 75 هزار رپين ۾ خريد ڪئي وئي، آرٽس فيڪلٽيءَ جو ڊين ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کي مقرر ڪيو ويو. جيڪو فارسي پڙهائيندو هو، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سنڌي جو مضمون شروع ڪرايو. ان لاءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي کي سنڌي ۽ عربيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي

 ڊاڪٽر دائود پوٽو هن ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وٽ پڙهي چڪو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪوشش سان 1937ع ۾ بي اي ۾ سنڌيءَ جو مضمون شروع ڪيو ويو. جڏهن ته ڪاليج جي ٻين ڪلاسن ۾ به سنڌي لازمي قرار ڏني وئي. بمبئي يونيورسٽيءَ لاءِ سنڌي مضمون جو نصاب ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تيار ڪيو هو.

برک اديب امر جليل ڊي.جي. سنڌ ڪاليج بابت ويچار ونڊيندين


2 comments:

Richest Sindhi of Hong Kong Hari Naroomal Harilela

Hari Naroomal Harilela GBM GBS OBE JP (10 August 1922 – 29 December 2014) was a Hong Kong based Sindhi businessman, hotelier and philanthr...