Tuesday, 15 January 2019

Sadhu T. L. Vaswani


عالم، مفڪر ۽ تعليمدان ساڌو واسواڻي
غلام محمد گرامي
سنڌ جو مشهور عالم، فيلسوف ۽ آدرشي مهاپرش، ساڌو ٽي.ايل. واسواڻي 16_ جنوري 1966ع تي پوني (ڀارت) ۾ گذاري ويو. ساڌو واسواڻي جي عالمانه شخصيت، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪي هئي. سندس نام ۽ پيغام کان مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا وافف هئا.
1940ع ۾ هڪ آمريڪي عالم ۽ سياح، پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته ڀارت جون ٽي جايون قابل ديد آهن__ تاج محل، جامع مسجد ۽ اجنتا. ان طرح ٽن ماڻهن کي ڏسڻ ڀاڳ جي نشاني آهي، رابيندرناٿ ٽيگور، گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي. اها سنڌين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
ساڌو واسواڻي، 25_ نومبر 1879ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس اعليٰ شخصيت ننڍي ڄمار ۾ ئي علم ۽ فڪر جي عالم ۾ مستغرق رهندي آئي. مزهب جي سلسلي ۾ سڀني مذهبن جو مطالعو ڪري انهن جي صالح ۽ تعميري خيالات کي قبول ڪيائين. سندس اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن ۽ خلفائي راشدين لاءِ ڏنل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سَنَد جو درجو رکن ٿا. سندس اوائلي زندگي، تعليم ۽ اخلاقي اصلاح سان شروع ٿي. تعليم جي سلسلي ۾ پاڻ وڪٽوريا ڪاليج ڪوچ بهار، مهيندرا ڪاليج پٽيالا، ديالسنگ ڪاليج لاهور جو پرنسپال ٿي رهيو آهي. ڪلڪتي ۽ ڪراچيءَ ۾ سندس شهرت ۽ عزت، يورپ تائين پهچي چڪي هئي. ان زماني ۾ پاڻ، بين الاقوامي مذهبي ڪانفرنس برلن جي دعوت تي يورپ ويو، اتي ماديات ۽ لامذهبيت جي خلاف اخلاق ۽ روهانيت، پاڪيزگيءَ ۽ صلح پسنديءَ تي، پر اثر ۽ رقت انگيز تقريرون ڪيائين. ان وقت پاڻ ڪراچيءَ ۾ فلاسافيءَ جو پروفيسر هو. 
1909ع ۾ يورپ جي مختلف علمي ادارن ۽ عالمي سوسائٽين پاران، مليل دعوت تي مختلف ملڪن ۾ تقريرون ڪيائين. سنس تقرير ۾ ويدانت ۽ تصوف جو عجيب سنگم هوندو هو. هو پريم ڀڳت هو، تنهنڪري سنسد ڪلام ۾ بجليءَ جهڙو تاثير هو. سنس اصلاحي تقريرن، يورپ جي وڏن وڏن عالمن کي روحانيت ڏانهن قريب آندو. 1920ع کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪن، ڪانگريس ۽ خلافت ۾ بهرو وٺن لڳو. خلافت جي پاران،  انگريزن سان “قطع تعلقات” جي جڏهن تحريڪ شروع ٿي، تڏهن پاڻ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ۾ پروفيسر هو.
ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪرچي
 ان سلسلي ۾ جا وڏي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي، تنهن جو پريزيڊنٽ ساڌو واسواڻي هو. ان ڪانفرنس ۾ مڪل جي سڀني ليڊرن گانڌي، محمد علي، موتي لال نهرو، شوڪت علي، موالنا آزاد، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تقريرون ڪيون. اڳتي هلي، “ينگ انڊيا”، ۽ “هريجن” اخبارن ۾، جي گانڌيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿينديون هيون، تن جي پهرين  پيجن تي ساڌو واسواڻيءَ جا مضمون ڇپبا رهيا. ان سلسلي ۾ “الوحيد” ڪراچيءَ ۾ سندس ڪافي مضمون ڇپيا، جن ۾ قرآن ۽ حديث ۽ تاريخ جي دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريائين ته هن سرڪار جي خلاف قطع تعلقات تحريڪ کي زور وڍائن مسلمانن جو مذهبي فرض آهي.
1932ع ۾ استعفا ڏيئي “ميران” جي نالي ۾ اصلاحي ۽ تعليمي تحريڪ شروع ڪيائين. سندس خيال ۽ عقيدا، امن ۽ صلح، عبادت ۽ پريم ڀڳتي4 وارا هئا. هو تصوف ۽ ويدانت جو وڏو ڄاڻو هو، ان هوندي به هو مدي خارج رسمن ۽ خيالن کي چنبڙي پوڻ جي خلاف هو. هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار لاءِ، “ميران” ٻائيءَ کي مثالي ۽ آدرشي آئينو بنائي ڪم شروع ڪيو. سندس اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به روحانيت ۽ پاڪيزگي، انسانذات جي محبت ۽ خدمت، مساوات ۽ اخوت تي هڪ روحاني رنگ ۾ رتل نصاب ۽  نظام هلايو ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جو “ميران” اسڪول هڪ آدرشي اسڪول شمار ڪيو ويو آهي، جو ساڌو  واسواڻي، ورهاڱي تائين هلائيندو رهيو. 1949ع ۾  ساڌو واسواڻيءَ پوني ۾، سنڌ وانگر “ميران” آدرشي اسڪول کوليا. ان سلسلي ۾ ميران ٻالمندر، ميران هاءِ اسڪول، ميران اليج، ميران ناري شالا، ميران اسپتال، تعريف جي لائق آهن. ساڌو واسواڻي، علم ۽ خيال، فڪر ۽ فلاسافي، پريم ۽ شيوا جو سچو مثال هو، تنهنڪري سندس ادارن ڪڏهن به مالي مشڪلات ڪانه ڏٺي.
سندس ادارن لاءِ، سندس جنم ڏينهن  25  نومبر تي هر سال ڳوٿري پيش ٿيندي هئي. پهرئين ڀيري، پنجويهن هزارن جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي، پر کين مليا ٽيتاليهه هزار: ٻئي سال پنجهٺ هزار، ۽ ٽئين سال هڪ لک کان به مٿي، چوٿين سال اڍائي لکن کان مٿي. اهي رقمون، يورپ، جپان ۽ آمريڪا مان گڏ ٿيون. سنڌين ۽ ڀارتي هندن پاران امداد ون الڳ مليون.
سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جيئن “A Wake Young India”، جي سندس يورپ مان اپسيءَ تي مدراس جي مشهور Ganesh & Co ڇپايا. ساڌو واسواڻي، ڇهاسي ورهين جي ڄمار ۾، 16_ جنوري 1966ع تي سرڳواسي ٿي ويو. شال سندس علم ۽ خيال جي دنيا مان انسانذات، سونهن ۽ سوڀيا،  پيار ۽ پريم، امن ۽ صلح جو رنگ حاصل ڪري. سندس خيال، مضمونن، تقريرن ۽ ٻولن جي اشاعت جي سلسلي ۾  ننڍڙو رسالو “سنت مالا” اڄ تائين هلندو ٿو اچي. ان ۾ سنسد لام، “نوري” ۽ “نماڻي”، تخلص سان شايع ٿيندو رهيو آهي. بيشڪ ساڌو واسواڻي هڪ آدرشي مهاپرش هو، جنهن پنهنجي ساري حياتي، خلق جي خدمت ۾ گذاري اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي.
واڌارو:


ساڌو واسواڻي 1933ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪيترائي فلاحي ۽ تعليمي ادارا قائم ڪيا، جن کي سڄي دنيا اندر ”ميرا موومينٽ ان ايجوڪيشن“ سڏيو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد جديد سائنسي تعليم ۽ آدرشن سان ناتو جوڙڻ هو. هيرآباد ۽ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل ”سينٽ ميران اسڪول“ ان جو عام مثال آهي، جتي ٻارن ۾ سائنسي تعليم سان گڏ سندس ڪردار جي جوڙجڪ ۽ سندس دل ۾ خلوص، خدمت ۽ قرباني جا گڻ پيدا ڪرڻ هو.
ميران اسڪول حيدرآباد
ساڌو واسواڻي جو ”ميران يونيورسٽي“ قائم ڪرڻ جو خواب 1947ع جي ورهاڱي  ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. ساڌو ٽي ايل واسواڻي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ نه ڇڏڻ جو ارادو ڪيو پر ڀارت مان آيل ڪجھ پناھ گير مسلمان جي رويي کي ڏسندي هن مجبورن 16 نومبر 1948ع تي وطن جا واڻ ڇڏيا، پهرين ڪجھ وقت بمبئي ۾ رهيو ۽ فيبروري 1949ع تي پوني شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين، سنڌ جي هن سپوت 14 جنوري تي ويل چيئر تي ويهي ڌن ۽ ڪپڙا غريبن کي دان ۾ ڏنا ۽ 16 جنوري 1966ع تي پوني ۾ وفات ڪئي، مرڻ وقت وصيت ڪيائين ته سندس هاٺيون سونهاري سنڌ ۾ موڪلي سنڌو ندي ۾ پروان ڪيون وڃن، 13 اپريل 1966ع تي اها رسم حيدرآباد ۾ ادا ڪئي وئي ۽ گدو وٽان سندس خاڪ کي سنڌ جل جي حوالي ڪيو ويو ـ

No comments:

Post a Comment

Richest Sindhi of Hong Kong Hari Naroomal Harilela

Hari Naroomal Harilela GBM GBS OBE JP (10 August 1922 – 29 December 2014) was a Hong Kong based Sindhi businessman, hotelier and philanthr...