Sunday, 20 January 2019

Sahib Singh Chanda Singh Shahani (S.C. Shahani)


صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي (ايس سي شاهاڻي)
مختيار ملاح
صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻيءَ (1868_1931ع) جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. پاڻ 1896ع ۾ ڊي.جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. ڪاليج جي ميگزين جو ايڊيٽر رهيو. 1917 کان 1927ع تائين ڪاليج جو پرنسپال رهيو. عورتن جي تعليم لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيائين ۽ پنهنجي سڀني نياڻين کي تعليم ڏياريائين. ادبي دنيا ۾ ناول نگار هو ۽ ٿامس هارڊيءَ کان متاثر هو. سندس ٽي ڪتاب : ”بلوکوکر“ (ناول 1930ع)،http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Navel/Book13/Book_page1.html ”تارن جو اڀياس“ (ناول 1930ع) ۽ ”سيل پري“ (قصو) اهم آهن. ايس. سي شاهاڻي جڏهن ڊي جي سنڌ ڪاليج پرنسپال ٿي آيو ته ڪاليج ۾ قائم انجنيئرنگ، قانون ۽ آرٽس جي شعبن کي ڌار ڪاليج جو درجو ڏيڻ جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني. شاهاڻي صاحب پارسي واپاري جمشيد مهتا جي مدد سان ايڊلجي ڊنشا ۽ سيٺ هرچند راءِ وشنداس جي خاندان کان چندو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته پرنس آف ويلز فنڊ مان به کيس 50 هزار روپيا مليا. اهڙيءَ ريت ايس سي شاهاڻي 1922ع ۾ اين اي ڊي ڪاليج کولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪاليج جو نالو نادرشا ايڊلجي ڊنشا (اين اي ڊي) نالي پويان رکيو ويو. ايس سي شاهاڻي، اين اي ڊي ڪاليج جي ڪامياب تجربي کانپوءِ قانون لاءِ ڌار ڪاليج قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي منظوريءَ کانپوءِ ساڳئي عملي جي مدد سان شاهاڻي صاحب 1926ع ۾ ڊي . جي ڪاليج جي عمارت ۾ ئي شام جو ‘سنڌ ڪاليجٽ بورڊ لا ڪاليج’ قائم ڪيو. اڳتي هلي بورڊ ايس سي شاهاڻيءَ جي تعليمي خدمتن سبب اهو ڪاليج سندس نالي سان منسوب ڪيو. ورهاڱي تائين هي ڪاليج ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج جي نالي سان هلندو رهيو. 

اڳوڻو ايس سي لا ڪاليج ۽ هاڻوڪو ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي

شاهاڻي صاحب جي دؤر ۾ نه رڳو سائنسي تعليم پر آرٽس جي تعليم تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. آرٽس جي شعبي کي مکيه عمارت مان ڪڍي ڊي جي ڪاليج جي آڏو سنڌ سيڪريٽريٽ ويندڙ روڊ تي ڪراچي ميوزيم واري جاءِ خريد ڪري ان ۾ منتقل ڪيو ويو. اهو ڪاليج ايس. ايم ڪاليج جي نالي سان اڃ به هلي رهيو آهي. شاهاڻي صاحب حقيقي تعليمدان هو، هو نه رڳو روشن خيال هو پر سندس نظر مستقبل جي تعليمي ضرورتن تي هئي، هن کي اهو احساس هو ته سنڌ زرعي طور خوشحال پرڳڻو آهي، ان لاءِ اڳتي هلي زرعي ماهرن جي ضرورت پوندي، ان مقصد لاءِ هن بورڊ آڏو ‘سنڌ زرعي ڪاليج’ قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ۽ زرعي ڪاليج ۽ زرعي فارم لاءِ هن برنس گارڊن (موجوده نيشنل ميوزيم) وارو ميدان ڏيڻ آڇيو، پر کيس ان جي منظوري نه ملي سگهي .

No comments:

Post a Comment

Richest Sindhi of Hong Kong Hari Naroomal Harilela

Hari Naroomal Harilela GBM GBS OBE JP (10 August 1922 – 29 December 2014) was a Hong Kong based Sindhi businessman, hotelier and philanthr...