![]() |
(هينري ايوان جيمس (ڪمشنر سنڌ
|
![]() |
مختيار ملاح |
مسٽر هينري ايوان جيمس (Henry Evan James)، جو جنم 16 اپريل 1872ع ۾ ٿيو ۽ هن پنهنجي تعليم ڪيٿڊرل اسڪول ۽ گرامر اسڪول مان حاصل ڪئي. سنڌ م سندس تمام گهڻو وقت گذريو ۽ مختلف عهدن تي رهيو ۽ ترقيءَ منزلون طئي ڪيائين. 1891ع کان 1900ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو. پر ان کان اڳ، 16 اپريل 1872ع کان 1 جون 1872ع تائين سنڌ جي تعليم کاتي سان منسلڪ رهيو. هن صاحب نائونمل جي يادگيرين کي ترجمو ڪرائي ۽ ايڊٽ ڪري انگريزيءَ ۾ شايع ڪرايو . هن جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ جانورن جي اسپتال (Richmond Veterinary Hospital) تعمير ٿي. هيءَ اسپتال اڄ به ڪراچيءَ ۾ (بندر روڊ) تي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي قديم عمارت جي ڀرسان واقع آهي.
![]() |
Richmond Veterinary Hospital |
سندس نالي سان سنڌ ۾ هڪ شهر آباد ڪيو ويو، جنهن جو نالو جيمس آباد رکيو ويو. هاڻي اهو شهر ڪوٽ غلام محمد جي نالي سان سڏجي ٿو. 1893ع ۾ سنڌ جو تڏهوڪو ڪمشنر مسٽر ايوان جيمس هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڊي.جي. ڪاليج گهمڻ آيو.
![]() |
هن پنهنجي تقرير ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ، اتساهه ڏيندڙ ڳالهيون پڻ ڪيون، ان مان هڪ اقتباس هيٺ ڏجي ٿو”اسان ۾ ڪيترائي يورپي آفيسر آهن، جن سنڌ ۾ نوڪري ڪئي آهي تن کي سنڌ ڏاڍي پياري آهي. سنڌ جي جبل جو دهڪاني جيڪو الپائن جبل جي شڪاري سان ڪلهو هڻي ٿو، هڪ ڊڄندڙ هاري جنهنجو خريف جو فصل ٻوڏن ناس ڪيو آهي ته به نهايت جوان مرديءَ ۽ همٿ سان مانڙي ڪري انهيءَ نقصان کي وساري سڌو سنئون ربيع جي تياري کي لڳي وڃي ٿو، گڊي (غلام) کان وٺي جت تائين جو اٺ چاري ٿو ڄاڻي ۽ خود سنڌ جي ڪريل ۽گهٽ درجي جو شڪاري ، انگريز آفيسرن کان ڳجهو نه آهي. هو انهن سڀني ڪلاسن جي ماڻهن کي سمجهائن ٿا ۽ انهن سڀني جي قدر داني ڪن ٿا ۽ عزت ڪن ٿا، تنهن ڪري اسان انگريزن ۾ هي پهاڪو آهي ته : “Once in Sindh always in Sindh” يعني ” هڪ دفعو جيڪو سنڌ ۾ آيو ته پوءِ سنڌ جو ٿي ويو“ يعني هو سنڌي ٿي ويو“.
![]() |
اڳوڻي جيمس آباد هاڻوڪو ڪوٽ غلام محمد |
هن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هن لنڪ کي کوليو
No comments:
Post a Comment