ڇا تاراچـند شـوقيـرام جي نالي سان مرتب ٿيل شاهه جو رسالو، ديوان ڪوڙيمل چندن مل جو جوڙيل هو؟
![]() |
مختيار احمد ملاح |
اسان کي ادبي مورخن بڌايو آهي شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جو سنڌ مان پهريون ڀيرو سنڌي ٽـائيـپ تـي شـايـع ٿيـل رسـالو تاراچـند
شـوقيـرام آڏواڻـيءَ جو آهي. اهو رسالـو 14 ڊسـمبر 1900ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو بمـبـئي
عـلائقـي جـي سرڪـاري تعليـم کاتي طرفان مرڪنٽائيل اسٽيم پريس، ڪراچيءَ مان ڇپجي
پڌرو ٿيو. هي رسالو ڊيمي سائيز جي 566 صفحن تي مشتمل هو. هن ڇاپي ۾ سنهي ٽائيپ ۾ موجوده صورتخطي اختيار ڪيل آهي. هن ڇاپي ۾ جملي 3316 بيت ۽
225 وايون ڇپيل آهن.
![]() |
تارا چند شوقيرام |
![]() |
ديوان ڪوڙو مل چندن مل |
ان رسالي لاءِ
ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ هڪ انڪشاف ڪيو آهي ته ”جڏهن فلٽن صاحب سنڌ جو ايجوڪيشنل
انسپيڪٽر (1873_1876ع) هو، تڏهن هو صاحب ڀٽ واري رسالي تان هڪڙو نقل تيار ڪرايو
هو. اهو دستخط سنڌ جي ايجوڪيشنل ٽرانسليٽر کي موڪليو ويو هو، جنهن ٽرمپ صاحب واري
رسالي ، بمبئيءَ ڇاپي واري رسالي ۽ هڪ ٻئي دستخط رسالي سان ڀيٽي ۽ سڌاري تيار ڪيو.
تنهن کان سواءِ ٽرمپ صاحب واري رسالي ۾ سر ڪاپائتي جي پٺيان جيڪا ”مت“ ڏنل آهي ، ۽
بمبئي ڇاپي واري رسالي ۾ سر سسئي آبريءَ ۽ سر رامڪليءَ جي پٺيان جيڪي سي حرفيون
(ٽيهه اکريون) ڏنل آهن، سي به هن ۾ داخل ڪيون ويون آهن. مطلب ته اهو ڪلام ، جو
اڪثر ڌاريو ڪري ليکبو آهي، سو به هن ۾ گڏيو اٿن. ان ۾ ٻيو به ڪيترو ڪلام ڌاريو
آهي.مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته هيءُ نئون رسالو سرڳواسي راءِ بهادر ڪوڙيمل چندن
مل کلڻاڻيءَ سوڌي تيار ڪيو هو. هو صاحب ان وقت حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جو پرنيسپال
هو ۽ سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر به هو. رسالي جا ’پروف‘ سرڳواسي ماستر اوڌوداس
سترامداس جاچيا هئا. رسالي جو ڪم اڃا پورو ئي ڪو نه ٿيو ، ته ديوان ڪوڙيمل پينشن
تي ويو. سندس جاءِ تي ديوان تاراچند شوقيرام (هاڻ خان بهادر) حيدرآباد جي ٽريننگ
ڪاليج جو پرنيسيپال مقرر ٿيو، جنهن رسالي جو باقي رهيو کهيو ڪم پورو ڪري، ديپاچي
تي صحيح پاتي. .(ڀيرومل مهرچند آڏواڻي:”گربخشاڻي وارو رسالو منهنجي نظر ۾“، ثقافت
کاتو، حڪومت سنڌ، 2018ع، ص 77_78)
شاهه سائين جي
محققن کي گذارش آهي ته هن معاملي جي تحقيق ڪن ۽ حقيقت سامهون آڻين.
No comments:
Post a Comment