سر بارٽل فريئر جي نياڻي ميري فريئر جو شاهه لطيف تي ڪرايل ڪم
مختيار احمد ملاح
اڻويهين صديءَ جي سنڌ جي تاريخ ۾ ان دور جي ڪمشنر سر
بارٽل فريئر جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. پر سندس نياڻي ميري ايلزا اسابيل فريئر Mary Eliza
Isabella Frere (1845-1911)
جون به سنڌي ادب لاءِ وڏيون خدمتون آهن. سندس والد سر بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر
(56- 1851ع ۽ 59- 1857ع) هو، جنهن سنڌي ٻولي، ادب، تعليم ۽ ٻين شعبن جي ترقيءَ ۾
اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن سنڌي ادب، ۽ خصوصاً حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي ۽
سوانح بابت، وڌيڪ ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرڻ کي همٿايو. سندس نياڻي ميري فريئر جو
هندستاني ادب سان خاص چاهه هو. هو والد سان گڏ ڪيترائي سال سنڌ ۾ رهي ۽ سنڌ جي لوڪ
ڪهاڻين کي گڏ ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندي هئي. جڏهن، بارٽل فرئير، سنڌ مان بدلي ٿي بمبئي
ويو ته ميري فرئير اتي هندستان جي ٻين ٻولين جي لوڪ ڪهاڻين کي گڏ ڪرڻ ۾ دلچسپي
ورتي. هونئن ته سندس شاعري ۽ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، پر سندس ڪتاب Indian
story tales خاص اهميت رکي ٿو. هن
ڪتاب ۾ هندستان جي مکيه لوڪ ڪهاڻيون شامل ڪيون اٿائين، جڪي هن گڏ ڪيون هيو. ان
ڪتاب جو 1881ع ۾ ٽيون ايڊيشن شايع ٿيو هو ۽ ان دور ۾ ان ڪتاب جا هندستان جي مختلف
ٻولين ترجما ٿيا هئا.
1855ع ۾”سيد ميران محمد شاهه - اول ، پنڊت بنسي ڌر جي ”سبودي ڪبودي“ جي ڪتاب تان ”سُڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ ترجمو ڪئي هئي. غلام محمد گرامي صاحب ان سلسلي ۾ لکيو آهي ته پاڻ اهو قصو سر بارٽل فرئير جي نياڻيءَ جي وندر لاءِ تمام سليس ۽ دلنشين طرز ۾ ترجمو ڪيائون.“ (غلام محمد گرامي: ”سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالهه“، مهراڻ 1 ، 1959ع). ميري فريئر کي شاهه لطيف جي شاعري ۽ ان ۾ بيان ڪيل ڪهاڻين سان به ڪافي دلچسپي هئي، ڇو جو هن هندستان جي لوڪ ڪهاڻين تي تحقيق ڪرڻ پئي چاهيو. ان سلسلي ۾ اسان کي معلومات سنه 1882ع ۾ ديوان ڏيارام گدو مل ”سگما“ جي عرف سان سنڌ بابت (Some thing About Sindh) مان مهڪ مختصر ڪتابڙي ۾ ملي ٿي ٿو . هو لکي ٿو ته :”مس فريئر ڪنهن سرڪاري ملازم حضرت شاهه صاحب جي حياتي بابت روايتون ملي ٿي. هو لکي ٿو ته: ” بهرحال، مان شاهه جي حياتيءَ جي باري ڪنهن نامعلوم ليکڪ جو ڪجهه مواد سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڏٺو آهي، جيڪو سنڌ سرڪار لاءِ ڪيل آهي، ڇو جو مس فريئر سنڌي آکاڻين تي ڪو ڪتاب لکڻ پئي چاهيو. اصل سنڌي ۾ لکيل مواد اڃان به ڪمشنر رڪارڊ ۾ موجود آهي“. (ص .5)

ميري فريئر ، اهو تذڪرو ڪنهن منشيءَ کان
لکرايو هو. منهنجو ذاتي خيال آهي ته اهو تذڪرو منشي اڌارام يا منشي محمد يوسف لکيو
هوندو، ڇو جو ان دور ۾ ڪراچي شهر ۾ سنڌي ادبي تاريخ جا اهي ئي ماهر سمجهيا ويندا
هئا. فريئر جي سنڌ مان بدلي ٿيڻ کان پوءِ به سنڌي ۾لکيل سوانح حيات وارو مسودو
’ڪمشنر جي رڪارڊ‘ ۾ موجود هو. اڳتي هلي ، ان ساڳئي مسودي کي وليم سائوٿي (William
Southey )، جيڪو ان وقت ڪراچي
جي ننڍي ڪورٽ ۾ جج هو، ان مواد کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري 2 نومبر 1870ع ڌاري شايع
ڪرايو. خوشقسمتيءَ سان وليم سائوٿي وارو مضمون ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي کي هٿ لڳ،
جنهن ان کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو.
جيتوڻيڪ، سنڌي ادب جي تاريز ۾ گهڻي ۾ گهڻيون
پي.ايڇ ڊيون شاهه لطيف تي ٿيون آهن، پر بنيادي ڪم ڪندڙن کي هميشه نظر انداز ڪيو
ويو آهي. ميري فريئر جي ڪرايل ڪم جو سال 1855_1856 آهي. وليم سائوٿي جو ترجمو ڪيل
مضمون رڪارڊ تي اڃ به موجود آهي. اهڙي طرح، ارنيسٽ ٽرمپ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه اهڙا
انگريز عملدار آهن، جن شاهه لطيف جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکيو آهي.
No comments:
Post a Comment