سنڌيت جي باغ جو مالهي: گوبند مالهي
محمد عثمان ميمڻ
گوبند مالهي سنڌي
ادب جو اهو محسن آهي، جنهن ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ۽ ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ ترقي پسند
ادب ۽ ترقي پسند تحريڪ جي آبياريءَ ۾ نمايان حصو ورتو. هُو هندستان ۾ سنڌيت جي
هلچل جي بانين منجهان هو ۽ ترقي پسند ادبي ٽمورتي ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي. جي اتم جو هڪ
حصو هو. گوبند مالهي هڪ ئي وقت ناول، ڪهاڻي، ناٽڪ، ترجمي ۽ مضمون نويسيءَ جي صنفن
۾ پاڻ موهيو. سندس جنم 5 آگسٽ 1921ع تي ضلعي نوشهروفيروز جي هڪ ننڍڙي شهر ٺارو شاهه ۾ ٿيو. شروعاتي
تعليم پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه مان ۽ مئٽرڪ 1939ع ۾ پاس ڪيائين. سياست جي شروعات
1940ع کان ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ فين وڌائڻ جي تحريڪ ۾ حشو ڪيولراماڻي جي صحبت ۾
اچي ڪيائين ۽ شاگرد يونين ۾ سرگرم ٿيو. سياسي سرگرمين جي دوران 1942ع ۾ جيل ياترا
به ڪيائين. 1944ع ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪيائين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪراچيءَ لاءِ
جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 45-1944ع ۾ گوبند مالهي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾ نهايت سرگرم
رهيو ۽ سنڌي ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم جو بنياد وڌائين. جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري
ٿيو.
گوبند مالهي سنڌي
ادب ۾ پڇڙ تاري جيئن آيو ۽ ايندي ئي هو سنڌي ادب تي ڇانئجي ويو. هن جي اچڻ کان اڳ
سنڌي ناول خاموش، بي جان ۽ شور و غل کان خالي هو پر مالهي جي ايندي ئي ناول ۾ وڏو
انقلاب آيو. سندس نالو سنڌي ناول نگارن ۾ جذبات نگاريءَ ۽ ڪردارن جي اپٽار بابت
مشهور آهي. گوبند ناول نويسيءَ ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو. سندس ناولن جا خاص موضوع
ڏيتي ليتي، پيار جي شادي، خانداني شاديون، گڏيل شانتي وغيره آهن. هن ٻين به ڪيترن
ئي سماجي مسئلن کي پنهنجن ناولن جو مرڪز بڻايو، ان کانسواءِ هن جي ناولن ۾ سنڌ جي
سڪ، سنڌ جو ماحول، سنڌي جذبا، سنڌي ڪردار ۽ سنڌ جو وايو منڊل گهڻي حد تائين نظر
اچي ٿو.
گوبند مالهي سنڌي
ناول جو تمام وڏو نالو آهي. گوبند مالهيءَ جو پهريون اصلوڪو ناول ”آنسو“ 1952ع ۾
ڇپيو. ان وقت سنڌي ۾ اصلوڪا ناول آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. سندس هيءُ ناول سنڌي
ناول جي پيڙهه بڻيو. 1946ع ڌاري ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ گربخشاڻيءَ جي رهنمائي هيٺ
”سنڌي ادبي سرڪل“ جو بنياد رکيو. هيءُ به ان تنظيم جي باني ڪارن ۾ شامل هو. ان
سرڪل جي سرگرمين ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ رزاق، روشن آرا مغل ۽ ٻيا حصو وٺندا
رهيا. 1947ع ڌاري ان تنظيم کي ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ هم خيال اديبن جن
۾ شيخ اياز، احسان بدوي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي
۽ روشن مغل جا نالا قابل ذڪر آهن، هيءَ سرڪل اڳتي هلي غير فعال ٿي وئي. جنهن بعد
گوبند مالهي، شيخ اياز ۽ ٻين سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو جنهن جو پهريون
سيڪريٽري جنرل به پاڻ ٿيو اڄ سنڌي ادبي سنگت، ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم آهي.
ان جو بنياد پڻ گوبند مالهي دوستن سان گڏجي وڌو هو.
گوبند مالهيءَ
ڪيترائي ناول لکيا، ورهاڱي کان اڳ سندس لکيل ناولن ۾: انقلابي سپاهي ۽ انقلابي
شاهراهه قابل ذڪر آهن. جڏهن ته ڀارت ۾ لکيل سندس ناولن ۾: آنسو (1952ع)، زندگيءَ
جي راهه تي 1952ع)، جيون ساٿي (1952ع)، من جو ميت (1953ع)، پکيئڙا ولر کان وڇڙيا
(1953ع)، للڪار (1954ع)، چنچل نگاهون (1954ع)، عشق ناهي راند (1955ع)، شرم ٻوٽي
(1956ع)، لوڪ آهي ٻوڪ (1957ع)، ديسي سيڻ ڪجن (1958ع)، ڏيهي پرڏيهي ٿيا (1961ع)،
پيار جي شڪست (1961ع)، سنڌو جي ڪناري (1961ع)، هڪ انسان سو طوفان (1965ع)، محبت جي
راهه ۾ (1975ع)، پريتم ويو پرديس، سوداگر جي سونهن ۽ ٽي ترجمو ڪيل ناول ساٿي، سيما
۽ ماءُ قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ ڪهاڻين تي مشتمل اها به آکاڻي آهي. اڳتي قدم، يا
گليرين تي مشتمل پهريون پيار، آتم ڪهاڻين ۾ ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون، ادب ۽ اديب،
سنڌڙي منهنجي جندڙي (چار ڀاڱا) قابل ذڪر آهن. سنڌ هند جي هن برک اديب 10 فيبروري
2001ع تي ديهانت ڪئي. کيس سنڌ کان عليحدگيءَ جو سور هميشه جهوريندو رهيو.
گوبند مالهيءَ جو انٽرويو، حصو: پهريون
گوبند مالهيءَ جو انٽرويو، حصو: ٻيون
گوبند مالهيءَ جو انٽرويو، حصو: ٽيون
No comments:
Post a Comment