Sunday, 3 February 2019

Drama Writer, director, actor and poet Hem Nagwani



ناٽڪ نويس، هدايتڪار، اداڪار، صحافي ۽ شاعر: هيم ناگواڻي


ڊاڪٽر قاسم راڄپر

                ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان مرزا قليچ بيگ وڏي ناٽڪ ۽ منگها رام ملڪاڻيءَ ننڍي ناٽڪ جو بنياد اهڙو ته مضبوط رکيو جو، اهو سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائي چڪو هو ۽ ڀارت جي ٻين ٻولين سان مقابلي جهڙي حالت ۾ هو، پر ورهاڱي سبب ٻين شعبن سان گڏ سنڌي ناٽڪ جي عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي. ورهاڱي کانپوءِ  ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات، جيون گرسهاڻيءَ ڪئي. سندس پهريون ناٽڪ ڏيتي ليتي 1950ع ۾ لکيو ۽ منچ تي آندو ويو. 
                جيون گرسهاڻيءَ جي ناٽڪن جي خاص ڳالهه جتي اسڪرپٽ ۽ ڊائريڪشن هوندي هئي، اُتي انهن ناٽڪن ۾ اداڪاري به ڏسڻ وٽان هئي، جيون جي گهڻڻ ناٽڪن ۾  اداڪاري هيم ناگواڻيءَ ڪئي. انهن جي جوڙي اهڙي ته مشهور ٿي جو سندن نالا ناٽڪن جي ضمانت سمجهيا ويندا هئا. هنن ٻنهي ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ناٽڪ رچائي، سنڌي ناٽڪن کي ساڳيو سنڌ وارو اوج بخشيو.
                هيمراج ناگواڻي 3 فيبروري 1931ع تي نوشهري فيروز لڳ ڳوٺ کاهي ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هو سنڌي جي وڏي شاعر نارئڻ شيام جو ننڍو ڀاءَ هو. هيم شروعاتي تعليم ڳوٺ کاهي ۽ مدرسه اسڪول نوشهري فيروز مان حاصل ڪئي، جتي سندس ڀاءُ نارئڻ شيام استاد هو. ورهاڱي کانپوءِ هيم ڪٽنب سميت ڀارت لڏايو ويو، جتي هو دربدريءَ جي زندگي گهاري آخر ۾ اچي دهليءَ ۾ ٿائينڪو ٿيو. هونئن ته سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت ۾ نئين سر جيئارڻ جي شروعات بمبئي مان ٿي، پر دهليءَ وارن به پاڻ مڃايو، سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي تحريڪ ۾ به دهليءَ وارن پاڻ ملهايو، جتي هيم ناگواڻي ، جيون گرسهاڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا اديب حشو ڪيولراماڻي ۽ ڪيرت ٻاڻاڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هلچل هلائيندا رهيا.
                هيم ناگواڻي نه رڳو بهترين اداڪار هو، پر بهترين ناٽڪ نويس، هدايتڪار، صحافي ۽ شاعر به هو. هن پيٽ گذر لاءِ ڀارت جي مرڪزي سرڪار ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ پنهنجي جوڙيوال جيون گرسهاڻيءَ سان گڏ ننڍن وڏن شهرن ۾ وڃي ناٽڪن وسيلي سنڌيت جا ڏيئا روشن ڪيا. هن  دهليءَ  ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ سهيڙڻ لاءِ “مور نچندا  رهن” جهڙو لاجواب ڪتاب لکيو. جنهن ۾ هن 1950 کان 1970ع تائين دهليءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جو تفصيل ڏنو آهي.
هيم ناگواڻيءَ جا 12 ننڍا ۽ 2 وڏا سنڌي ناٽڪ لکيا، جيڪي تمام گهڻا مقبول ٿيا. جن ۾  خاص طور ڪاڪو بهلاڻيءَ وارو (1954)، گامٽو ڊاڪٽر  (1956) ، صبح نه آيو (1977)، سورج جي آخري ڪرڻي تائين (1978) ۽ عاشق زهر پياڪ شامل آهن. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو “سرل ريکائون”  1986ع  ۾ پڌرو ٿيو.
هيم بهترين اداڪار هو ۽ هن 100 کان مٿي ناٽڪن ۾ لاجواب اداڪاري ڪئي. جن سنڌي ناٽڪن ۾ سندس اداڪاري بيحد پسند ڪئي وئي، انهن ۾  ڪير اچڻو آهي (1966)، مون کي ڪنوار کپي (1969)،  دودو چنيسر (1974)، الجهن (1976) شامل آهن. سندس ناٽڪ هميشه آل انڊيا سنڌي ناٽڪ مقابلي ۾ پهرئين نمبر تي ايندا هئا. هو چوندو هو ته سنڌي ناٽڪ سندس پهريون عشق آهي.
جيون گرسهاڻيءَ سان گڏ سندس ناٽڪ “اوکا پنڌ پهاڙ جا” ور ور ڏئي مختلف شهرن ۾ ڏيکاريو ويندو هو. اهو ناٽڪ دور درشن ٽي وي دهلي، ڪلڪتي ۽ بمبئي پاران ٽيلي ڪاسٽ به ڪيو ويو هو. هن جيون گرسهاڻيءَ ۽ ڊاڪٽر پريم پرڪاش سان گڏ ڀارت جا بهتري سنڌي ناٽڪ چونڊي “سنڌي ايڪانڪي” جي نالي سان ساهتيه اڪيڊميءَ پاران شايع ڪرايا.  پنهنجي سڄي حياتي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندڙ هيم ناگواڻي 1985ع ۾ ننڍي وهيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس دوست لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا “ڪا ڪ ڇڏي ويا ڪنڍ تي”  ڪتاب ۾ سندس جيون ڪهاڻيءَ سان گڏ سندس ڏات جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.




هيم ناگواڻيءَ جي دوست ۽ جوڙيوال جيون گرسهاڻيءَ بابت احوال هن بلاگ ۾ پڙهي سگهجي ٿو

No comments:

Post a Comment

Richest Sindhi of Hong Kong Hari Naroomal Harilela

Hari Naroomal Harilela GBM GBS OBE JP (10 August 1922 – 29 December 2014) was a Hong Kong based Sindhi businessman, hotelier and philanthr...