Sunday, 17 February 2019

ڇا تاراچـند شـوقيـرام جي نالي سان مرتب ٿيل شاهه جو رسالو، ديوان ڪوڙيمل چندن مل جو جوڙيل هو؟


ڇا تاراچـند شـوقيـرام جي نالي سان مرتب ٿيل شاهه جو رسالو، ديوان ڪوڙيمل چندن مل جو جوڙيل هو؟
مختيار احمد ملاح

          اسان کي ادبي مورخن بڌايو آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سنڌ مان پهريون ڀيرو سنڌي ٽـائيـپ تـي شـايـع ٿيـل رسـالو تاراچـند شـوقيـرام آڏواڻـيءَ جو آهي. اهو رسالـو 14 ڊسـمبر 1900ع ۾ شايع ٿيو، جيڪو بمـبـئي عـلائقـي جـي سرڪـاري تعليـم کاتي طرفان مرڪنٽائيل اسٽيم پريس، ڪراچيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو. هي رسالو ڊيمي سائيز جي 566 صفحن تي مشتمل هو. هن ڇاپي ۾ سنهي ٽائيپ ۾ موجوده صورتخطي اختيار ڪيل آهي. هن ڇاپي ۾ جملي 3316 بيت ۽ 225 وايون ڇپيل آهن
تارا چند شوقيرام

ديوان ڪوڙو مل چندن مل
ان رسالي لاءِ ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ هڪ انڪشاف ڪيو آهي ته ”جڏهن فلٽن صاحب سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر (1873_1876ع) هو، تڏهن هو صاحب ڀٽ واري رسالي تان هڪڙو نقل تيار ڪرايو هو. اهو دستخط سنڌ جي ايجوڪيشنل ٽرانسليٽر کي موڪليو ويو هو، جنهن ٽرمپ صاحب واري رسالي ، بمبئيءَ ڇاپي واري رسالي ۽ هڪ ٻئي دستخط رسالي سان ڀيٽي ۽ سڌاري تيار ڪيو. تنهن کان سواءِ ٽرمپ صاحب واري رسالي ۾ سر ڪاپائتي جي پٺيان جيڪا ”مت“ ڏنل آهي ، ۽ بمبئي ڇاپي واري رسالي ۾ سر سسئي آبريءَ ۽ سر رامڪليءَ جي پٺيان جيڪي سي حرفيون (ٽيهه اکريون) ڏنل آهن، سي به هن ۾ داخل ڪيون ويون آهن. مطلب ته اهو ڪلام ، جو اڪثر ڌاريو ڪري ليکبو آهي، سو به هن ۾ گڏيو اٿن. ان ۾ ٻيو به ڪيترو ڪلام ڌاريو آهي.مون کي ذاتي طرح خبر آهي ته هيءُ نئون رسالو سرڳواسي راءِ بهادر ڪوڙيمل چندن مل کلڻاڻيءَ سوڌي تيار ڪيو هو. هو صاحب ان وقت حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج جو پرنيسپال هو ۽ سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر به هو. رسالي جا ’پروف‘ سرڳواسي ماستر اوڌوداس سترامداس جاچيا هئا. رسالي جو ڪم اڃا پورو ئي ڪو نه ٿيو ، ته ديوان ڪوڙيمل پينشن تي ويو. سندس جاءِ تي ديوان تاراچند شوقيرام (هاڻ خان بهادر) حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج جو پرنيسيپال مقرر ٿيو، جنهن رسالي جو باقي رهيو کهيو ڪم پورو ڪري، ديپاچي تي صحيح پاتي. .(ڀيرومل مهرچند آڏواڻي:”گربخشاڻي وارو رسالو منهنجي نظر ۾“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2018ع، ص 77_78)
شاهه سائين جي محققن کي گذارش آهي ته هن معاملي جي تحقيق ڪن ۽ حقيقت سامهون آڻين.

Sunday, 10 February 2019

Great Novelist & Dramatist Gobind Malhi


سنڌيت جي باغ جو مالهي: گوبند مالهي
 محمد عثمان ميمڻ

گوبند مالهي سنڌي ادب جو اهو محسن آهي، جنهن ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ۽ ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند تحريڪ جي آبياريءَ ۾ نمايان حصو ورتو. هُو هندستان ۾ سنڌيت جي هلچل جي بانين منجهان هو ۽ ترقي پسند ادبي ٽمورتي ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي. جي اتم جو هڪ حصو هو. گوبند مالهي هڪ ئي وقت ناول، ڪهاڻي، ناٽڪ، ترجمي ۽ مضمون نويسيءَ جي صنفن ۾ پاڻ موهيو. سندس جنم 5 آگسٽ 1921ع تي ضلعي نوشهروفيروز جي هڪ ننڍڙي شهر ٺارو شاهه ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه مان ۽ مئٽرڪ 1939ع ۾ پاس ڪيائين. سياست جي شروعات 1940ع کان ڊي. جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ فين وڌائڻ جي تحريڪ ۾ حشو ڪيولراماڻي جي صحبت ۾ اچي ڪيائين ۽ شاگرد يونين ۾ سرگرم ٿيو. سياسي سرگرمين جي دوران 1942ع ۾ جيل ياترا به ڪيائين. 1944ع ۾ ايل. ايل. بي پاس ڪيائين ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪراچيءَ لاءِ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 45-1944ع ۾ گوبند مالهي سياسي ۽ ادبي ميدان ۾ نهايت سرگرم رهيو ۽ سنڌي ترقي پسند ليکڪن جي تنظيم جو بنياد وڌائين. جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري ٿيو.
گوبند مالهي سنڌي ادب ۾ پڇڙ تاري جيئن آيو ۽ ايندي ئي هو سنڌي ادب تي ڇانئجي ويو. هن جي اچڻ کان اڳ سنڌي ناول خاموش، بي جان ۽ شور و غل کان خالي هو پر مالهي جي ايندي ئي ناول ۾ وڏو انقلاب آيو. سندس نالو سنڌي ناول نگارن ۾ جذبات نگاريءَ ۽ ڪردارن جي اپٽار بابت مشهور آهي. گوبند ناول نويسيءَ ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو. سندس ناولن جا خاص موضوع ڏيتي ليتي، پيار جي شادي، خانداني شاديون، گڏيل شانتي وغيره آهن. هن ٻين به ڪيترن ئي سماجي مسئلن کي پنهنجن ناولن جو مرڪز بڻايو، ان کانسواءِ هن جي ناولن ۾ سنڌ جي سڪ، سنڌ جو ماحول، سنڌي جذبا، سنڌي ڪردار ۽ سنڌ جو وايو منڊل گهڻي حد تائين نظر اچي ٿو.
گوبند مالهي سنڌي ناول جو تمام وڏو نالو آهي. گوبند مالهيءَ جو پهريون اصلوڪو ناول ”آنسو“ 1952ع ۾ ڇپيو. ان وقت سنڌي ۾ اصلوڪا ناول آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. سندس هيءُ ناول سنڌي ناول جي پيڙهه بڻيو. 1946ع ڌاري ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ گربخشاڻيءَ جي رهنمائي هيٺ ”سنڌي ادبي سرڪل“ جو بنياد رکيو. هيءُ به ان تنظيم جي باني ڪارن ۾ شامل هو. ان سرڪل جي سرگرمين ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، شيخ رزاق، روشن آرا مغل ۽ ٻيا حصو وٺندا رهيا. 1947ع ڌاري ان تنظيم کي ڪاليج جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ هم خيال اديبن جن ۾ شيخ اياز، احسان بدوي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، گوبند پنجابي ۽ روشن مغل جا نالا قابل ذڪر آهن، هيءَ سرڪل اڳتي هلي غير فعال ٿي وئي. جنهن بعد گوبند مالهي، شيخ اياز ۽ ٻين سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو جنهن جو پهريون سيڪريٽري جنرل به پاڻ ٿيو اڄ سنڌي ادبي سنگت، ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم آهي. ان جو بنياد پڻ گوبند مالهي دوستن سان گڏجي وڌو هو.
گوبند مالهيءَ ڪيترائي ناول لکيا، ورهاڱي کان اڳ سندس لکيل ناولن ۾: انقلابي سپاهي ۽ انقلابي شاهراهه قابل ذڪر آهن. جڏهن ته ڀارت ۾ لکيل سندس ناولن ۾: آنسو (1952ع)، زندگيءَ جي راهه تي 1952ع)، جيون ساٿي (1952ع)، من جو ميت (1953ع)، پکيئڙا ولر کان وڇڙيا (1953ع)، للڪار (1954ع)، چنچل نگاهون (1954ع)، عشق ناهي راند (1955ع)، شرم ٻوٽي (1956ع)، لوڪ آهي ٻوڪ (1957ع)، ديسي سيڻ ڪجن (1958ع)، ڏيهي پرڏيهي ٿيا (1961ع)، پيار جي شڪست (1961ع)، سنڌو جي ڪناري (1961ع)، هڪ انسان سو طوفان (1965ع)، محبت جي راهه ۾ (1975ع)، پريتم ويو پرديس، سوداگر جي سونهن ۽ ٽي ترجمو ڪيل ناول ساٿي، سيما ۽ ماءُ قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ ڪهاڻين تي مشتمل اها به آکاڻي آهي. اڳتي قدم، يا گليرين تي مشتمل پهريون پيار، آتم ڪهاڻين ۾ ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون، ادب ۽ اديب، سنڌڙي منهنجي جندڙي (چار ڀاڱا) قابل ذڪر آهن. سنڌ هند جي هن برک اديب 10 فيبروري 2001ع تي ديهانت ڪئي. کيس سنڌ کان عليحدگيءَ جو سور هميشه جهوريندو رهيو.
 گوبند مالهيءَ جو انٽرويو، حصو: پهريون
 گوبند مالهيءَ جو انٽرويو، حصو: ٻيون
 گوبند مالهيءَ جو انٽرويو، حصو: ٽيون

Sunday, 3 February 2019

Drama Writer, director, actor and poet Hem Nagwani



ناٽڪ نويس، هدايتڪار، اداڪار، صحافي ۽ شاعر: هيم ناگواڻي


ڊاڪٽر قاسم راڄپر

                ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان مرزا قليچ بيگ وڏي ناٽڪ ۽ منگها رام ملڪاڻيءَ ننڍي ناٽڪ جو بنياد اهڙو ته مضبوط رکيو جو، اهو سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائي چڪو هو ۽ ڀارت جي ٻين ٻولين سان مقابلي جهڙي حالت ۾ هو، پر ورهاڱي سبب ٻين شعبن سان گڏ سنڌي ناٽڪ جي عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي. ورهاڱي کانپوءِ  ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ لکڻ جي شروعات، جيون گرسهاڻيءَ ڪئي. سندس پهريون ناٽڪ ڏيتي ليتي 1950ع ۾ لکيو ۽ منچ تي آندو ويو. 
                جيون گرسهاڻيءَ جي ناٽڪن جي خاص ڳالهه جتي اسڪرپٽ ۽ ڊائريڪشن هوندي هئي، اُتي انهن ناٽڪن ۾ اداڪاري به ڏسڻ وٽان هئي، جيون جي گهڻڻ ناٽڪن ۾  اداڪاري هيم ناگواڻيءَ ڪئي. انهن جي جوڙي اهڙي ته مشهور ٿي جو سندن نالا ناٽڪن جي ضمانت سمجهيا ويندا هئا. هنن ٻنهي ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ناٽڪ رچائي، سنڌي ناٽڪن کي ساڳيو سنڌ وارو اوج بخشيو.
                هيمراج ناگواڻي 3 فيبروري 1931ع تي نوشهري فيروز لڳ ڳوٺ کاهي ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هو سنڌي جي وڏي شاعر نارئڻ شيام جو ننڍو ڀاءَ هو. هيم شروعاتي تعليم ڳوٺ کاهي ۽ مدرسه اسڪول نوشهري فيروز مان حاصل ڪئي، جتي سندس ڀاءُ نارئڻ شيام استاد هو. ورهاڱي کانپوءِ هيم ڪٽنب سميت ڀارت لڏايو ويو، جتي هو دربدريءَ جي زندگي گهاري آخر ۾ اچي دهليءَ ۾ ٿائينڪو ٿيو. هونئن ته سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت ۾ نئين سر جيئارڻ جي شروعات بمبئي مان ٿي، پر دهليءَ وارن به پاڻ مڃايو، سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي تحريڪ ۾ به دهليءَ وارن پاڻ ملهايو، جتي هيم ناگواڻي ، جيون گرسهاڻي، لڇمڻ ڪومل ۽ ٻيا اديب حشو ڪيولراماڻي ۽ ڪيرت ٻاڻاڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هلچل هلائيندا رهيا.
                هيم ناگواڻي نه رڳو بهترين اداڪار هو، پر بهترين ناٽڪ نويس، هدايتڪار، صحافي ۽ شاعر به هو. هن پيٽ گذر لاءِ ڀارت جي مرڪزي سرڪار ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ پنهنجي جوڙيوال جيون گرسهاڻيءَ سان گڏ ننڍن وڏن شهرن ۾ وڃي ناٽڪن وسيلي سنڌيت جا ڏيئا روشن ڪيا. هن  دهليءَ  ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ سهيڙڻ لاءِ “مور نچندا  رهن” جهڙو لاجواب ڪتاب لکيو. جنهن ۾ هن 1950 کان 1970ع تائين دهليءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جو تفصيل ڏنو آهي.
هيم ناگواڻيءَ جا 12 ننڍا ۽ 2 وڏا سنڌي ناٽڪ لکيا، جيڪي تمام گهڻا مقبول ٿيا. جن ۾  خاص طور ڪاڪو بهلاڻيءَ وارو (1954)، گامٽو ڊاڪٽر  (1956) ، صبح نه آيو (1977)، سورج جي آخري ڪرڻي تائين (1978) ۽ عاشق زهر پياڪ شامل آهن. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو “سرل ريکائون”  1986ع  ۾ پڌرو ٿيو.
هيم بهترين اداڪار هو ۽ هن 100 کان مٿي ناٽڪن ۾ لاجواب اداڪاري ڪئي. جن سنڌي ناٽڪن ۾ سندس اداڪاري بيحد پسند ڪئي وئي، انهن ۾  ڪير اچڻو آهي (1966)، مون کي ڪنوار کپي (1969)،  دودو چنيسر (1974)، الجهن (1976) شامل آهن. سندس ناٽڪ هميشه آل انڊيا سنڌي ناٽڪ مقابلي ۾ پهرئين نمبر تي ايندا هئا. هو چوندو هو ته سنڌي ناٽڪ سندس پهريون عشق آهي.
جيون گرسهاڻيءَ سان گڏ سندس ناٽڪ “اوکا پنڌ پهاڙ جا” ور ور ڏئي مختلف شهرن ۾ ڏيکاريو ويندو هو. اهو ناٽڪ دور درشن ٽي وي دهلي، ڪلڪتي ۽ بمبئي پاران ٽيلي ڪاسٽ به ڪيو ويو هو. هن جيون گرسهاڻيءَ ۽ ڊاڪٽر پريم پرڪاش سان گڏ ڀارت جا بهتري سنڌي ناٽڪ چونڊي “سنڌي ايڪانڪي” جي نالي سان ساهتيه اڪيڊميءَ پاران شايع ڪرايا.  پنهنجي سڄي حياتي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندڙ هيم ناگواڻي 1985ع ۾ ننڍي وهيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس دوست لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا “ڪا ڪ ڇڏي ويا ڪنڍ تي”  ڪتاب ۾ سندس جيون ڪهاڻيءَ سان گڏ سندس ڏات جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.




هيم ناگواڻيءَ جي دوست ۽ جوڙيوال جيون گرسهاڻيءَ بابت احوال هن بلاگ ۾ پڙهي سگهجي ٿو

Mary Eliza Isabella Frere


سر بارٽل فريئر جي نياڻي ميري فريئر جو شاهه لطيف تي ڪرايل ڪم

مختيار احمد ملاح
             
   اڻويهين  صديءَ جي سنڌ جي تاريخ ۾ ان دور جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. پر سندس نياڻي ميري ايلزا اسابيل فريئر Mary Eliza Isabella Frere (1845-1911) جون به سنڌي ادب لاءِ وڏيون خدمتون آهن. سندس والد سر بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر (56- 1851ع ۽ 59- 1857ع) هو، جنهن سنڌي ٻولي، ادب، تعليم ۽ ٻين شعبن جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن سنڌي ادب، ۽ خصوصاً حضرت شاهه عبداللطيف جي رسالي ۽ سوانح بابت، وڌيڪ ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرڻ کي همٿايو. سندس نياڻي ميري فريئر جو هندستاني ادب سان خاص چاهه هو. هو والد سان گڏ ڪيترائي سال سنڌ ۾ رهي ۽ سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين کي گڏ ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندي هئي. جڏهن، بارٽل فرئير، سنڌ مان بدلي ٿي بمبئي ويو ته ميري فرئير اتي هندستان جي ٻين ٻولين جي لوڪ ڪهاڻين کي گڏ ڪرڻ ۾ دلچسپي ورتي. هونئن ته سندس شاعري ۽ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، پر سندس ڪتاب Indian story tales خاص اهميت رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ هندستان جي مکيه لوڪ ڪهاڻيون شامل ڪيون اٿائين، جڪي هن گڏ ڪيون هيو. ان ڪتاب جو 1881ع ۾ ٽيون ايڊيشن شايع ٿيو هو ۽ ان دور ۾ ان ڪتاب جا هندستان جي مختلف ٻولين ترجما ٿيا هئا.
1855ع ۾”سيد ميران محمد شاهه - اول ، پنڊت بنسي ڌر جي ”سبودي ڪبودي“ جي ڪتاب تان ”سُڌاتوري ۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“ ترجمو ڪئي هئي. غلام محمد گرامي صاحب ان سلسلي ۾ لکيو آهي ته پاڻ اهو قصو سر بارٽل فرئير جي نياڻيءَ جي وندر لاءِ تمام سليس ۽ دلنشين طرز ۾ ترجمو ڪيائون.“ (غلام محمد گرامي: ”سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالهه“، مهراڻ 1 ، 1959ع). ميري فريئر کي شاهه لطيف جي شاعري ۽ ان ۾ بيان ڪيل ڪهاڻين سان به ڪافي دلچسپي هئي، ڇو جو هن هندستان جي لوڪ ڪهاڻين تي تحقيق ڪرڻ پئي چاهيو. ان سلسلي ۾ اسان کي معلومات سنه 1882ع ۾ ديوان ڏيارام گدو مل ”سگما“ جي عرف سان سنڌ بابت (
Some thing About Sindh) مان مهڪ مختصر ڪتابڙي ۾ ملي ٿي ٿو . هو لکي ٿو ته :”مس فريئر ڪنهن سرڪاري ملازم حضرت شاهه صاحب جي حياتي بابت روايتون ملي ٿي. هو لکي ٿو ته: ” بهرحال، مان شاهه جي حياتيءَ جي باري ڪنهن نامعلوم ليکڪ جو ڪجهه مواد سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڏٺو آهي، جيڪو سنڌ سرڪار لاءِ ڪيل آهي، ڇو جو مس فريئر سنڌي آکاڻين تي ڪو ڪتاب لکڻ پئي چاهيو. اصل سنڌي ۾ لکيل مواد اڃان به ڪمشنر رڪارڊ ۾ موجود آهي“. (ص .5)
ميري فريئر ، اهو تذڪرو ڪنهن منشيءَ کان لکرايو هو. منهنجو ذاتي خيال آهي ته اهو تذڪرو منشي اڌارام يا منشي محمد يوسف لکيو هوندو، ڇو جو ان دور ۾ ڪراچي شهر ۾ سنڌي ادبي تاريخ جا اهي ئي ماهر سمجهيا ويندا هئا. فريئر جي سنڌ مان بدلي ٿيڻ کان پوءِ به سنڌي ۾لکيل سوانح حيات وارو مسودو ’ڪمشنر جي رڪارڊ‘ ۾ موجود هو. اڳتي هلي ، ان ساڳئي مسودي کي وليم سائوٿي (William Southey )، جيڪو ان وقت ڪراچي جي ننڍي ڪورٽ ۾ جج هو، ان مواد کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري 2 نومبر 1870ع ڌاري شايع ڪرايو. خوشقسمتيءَ سان وليم سائوٿي وارو مضمون ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي کي هٿ لڳ، جنهن ان کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايو.
جيتوڻيڪ، سنڌي ادب جي تاريز ۾ گهڻي ۾ گهڻيون پي.ايڇ ڊيون شاهه لطيف تي ٿيون آهن، پر بنيادي ڪم ڪندڙن کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي. ميري فريئر جي ڪرايل ڪم جو سال 1855_1856 آهي. وليم سائوٿي جو ترجمو ڪيل مضمون رڪارڊ تي اڃ به موجود آهي. اهڙي طرح، ارنيسٽ ٽرمپ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه اهڙا انگريز عملدار آهن، جن شاهه لطيف جي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکيو آهي.




Friday, 1 February 2019

Great Sindhi Novelist, Linguistic & Editor- Siraj ul Haq Memon

سراج الحق ميمڻ : هڪ تاريخ ساز شخصيت

تاج جويو

سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سچو عشق رکندڙ، ڏاهي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق ۽ ماهر لسانيات ’سراج‘ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو، هن ۲۴آڪٽوبر ۱۹۳۳ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ هو. سندس ترجمو ڪيل ’ديوان حافظ‘ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج جو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سموري بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن کنيائين. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي هئي. پيشي جي لحاظ کان ۱۹۵۳ع ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نوڪري شروع ڪيائين ۽۱۹۵۵ع ۾ ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۷ع ۾ سي. ايس. ايس. جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس جي کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو، جتان ۱۹۶۹ع ۾ جبري رٽائرمينٽ ٿيس. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين.۱۹۷۱ع ۾ ڪراچيءَ مان هلال پاڪستان اخبار جو اجراء ٿيو، جنهن ۾ کيس ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا. ان تي کيس سنڌي جديد صحافت کي نئون جنم ڏياريندڙ چيو وڃي ٿو. ۱۹۷۷ع ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ هن فوجي حڪومت کان ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪندي هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي سندس مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ’انسائيڪلوپيڊيا‘ چيو ويندو هو.


سراج سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو۱۹۶۱ع ۾ ’اي درد هلي آءُ‘ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ’اٺون ماڻهو‘ ۱۹۸۵ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج سڀ کان وڌيڪ تخليقي ناول لکيا ۽ هي اهو پهريون سنڌي ليکڪ آهي، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ’پياسي ڌرتي رمندا بادل‘ جي نالي سان سنڌي ادب جي پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جن سنڌ جي تاريخ اڳ ۾ ڪانه پڙهي هئي، تن سراج جا ناول پڙهي پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي ورتي. سراج جو پهريون جڳ مشهور ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو، هي ناول سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ، سال ۱۹۸۸ع ۾ ڇيپو، ان کانسواءِ ’منهنجي دنيا مرگھه ترشنا‘، ’منهنجي دنيا هيڪل وياڪل‘، ’تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول‘ سندس اهم ناول آهن. سراج ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ’چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي‘، ’چونڊ آمريڪي افسانا‘، ’ڏکڻ مان ٿو سج اڀري‘، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. سندس ناول ۽ افسانن جا مجموعا، افسانوي ادب ۾ تمام گھڻي اهميت جا حامل آهن. سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کانسواءِ ’رتيءَ جي رهاڻ ۽ ملان جي ڊوڙ‘ ۽ جاڳو اخبار ۾ ’سياسي منظرنامو‘ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جي موقعي تي ’ڪراچي‘ نالي سان تاريخي ۽ اهم نظم لکيو.

لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيف ’سنڌي ٻولي‘ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپي، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، جنهن کي شروع ۾ جن قبول نه ڪيو، انهن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ڇپيو آهي.
هن زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ انگريزيءَ ۾ ٻه ڪتاب: (۱) History of Sindhi Language ۽ (۲) پنهنجي آٽوگرافي Biography of an unknown Sindhi لکي مڪمل ڪيا. انهن مان پهريون ڪتاب هيٺ اشاعت هيٺ آهي. سنڌ جي هن نامور عالم ۽ اديب، ۲ فيبروري ۲۰۱۳ع، رات جو ساڍي ٽئين وڳي، لياقت نيشنل اسپتال، ڪراچيءَ ۾، دل جي عارضي سبب وفات ڪئ.

سراج الحق ميمڻ جا ڪجهه ڪتاب هي آهن






سراج جو يادگار انٽرويو

پهريون حصو


حصو ٻيون


ٽيون ۽ آخري حصو

Great Sindhi Singer Bhagwanti Navani | Life sketch

سنڌين جي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره ڀڳونتي ناواڻي
سنڌين جي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره، سنڌوءَ جي نياڻي، ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جو جنم، 1 فيبروري 1940ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس اصل اباڻو ڳوٺ نصرپور ضلعو حيدرآباد (هاڻي مٽياري) هو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي. پرائمري تعليم ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ وٽ انڊين گرلس اسڪول مان حاصل ڪيائين. 1947ع ۾ ملڪ جي ورهاڱي کان پوءِ، 1948ع ۾ فسادن سبب سنڌ مان لڏي مائٽن سان گڏبمبئي هلي وئي. پهرين ڪملا گرلس هاءِ اسڪول بمبئيءَ ۾ پڙهي، ان بعد هاءِ اسڪول فار سنڌيز بمبئيءَ مان 1957ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ڀڳونتي ناواڻيءَ وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر ۽ ٽي ڀينرون هيون ۽ ڀڳونتي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ٽيون نمبر هئي. ڀڳونتيءَ کي ڳائڻ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو. ان وقت سندن گھر ۾ ريڊيو نه هوندو هو. پر سندن گھر جي هيٺان هڪ گھر ۾ ريڊيو هو ۽ جڏهن به ريڊيو تي ڪو گيت ٻڌندي هئي ته يڪدم ٻڌڻ جي شوق ۾ ڊوڙ پائي ان گھر ۾ ويندي هئي. ان کان سواءِ اسڪول ۾ جيڪي بيت ۽ نظم پڙهيا ويندا هئا، اهي هر وقت گھر ۾ وڏي آواز سان ڳائيندي رهندي هئي. سمورو وقت گهر ۾ ڳائڻ سبب ماءُ جا دڙڪا ۽ ڳالهائڻ به سهڻا پوندا هئس. هن سنگيت جي باقاعدي ڪنهن استاد کان تعليم نه ورتي، پر سنگيت اسڪولن ۾ تعليمورتائين. سال کن ديوڌر ميوزڪ اسڪول بمبئيءَ ۾ ۽ ٻه سال کن نکل گھوش ميوزڪ اسڪول بمبئيءَ ۾ به تعليم حاصل ڪيائين. عملي سکيا Indian Peoples Theater Association/ IPTA مان ورتائين. ان وقت ننڍي کنڊ جو وڏو ڪهاڻيڪار خواجه احمد عباسان اسڪول جو صدر هوندو هو. ان کان سواءِ بمبئي يوٿ ڪوائر ۾ به وقت بوقت سنڌي، مراٺي، گجراتي، هندي ۽ اردوءَ ۾ ڳائيندي هئي. ان وقت سنجيو ڪمار، بلراج ساهني ۽ اي. ڪي. هنگل به ان ۾ حصو وٺندا هئا. اهو 68-1967ع جو زمانو هو. ڪڏهن ڪڏهن لتا منگيشڪر به ساڻن شريڪ ٿيندي هئي. ميوزڪ ڊائريڪٽر سنيل چوڌريانهن پروگرامن جي هدايت ڏيندو هو. 
ڀڳونتي ناواڻيءَ ڊرامن ۾ آرٽسٽ طور به ڪم ڪيو. سندس ڀائر ايشور ۽ نند به ساڻس اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندا هئا. ايشور ته ان وقت بهترين آرٽسٽ ليکبو هو. ڀڳونتيءَ شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي ”آٿيلو“ (سنڌي) ۾ ڪم ڪيو ۽ آل انڊيا مقابلي ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. ان کان سواءِ هڪ سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي ڪناري“ ۾ هيروئن جو رول ادا ڪيائين. ان فلم ۾ سنڌيت جو پرچار ڪيو ويو هو. اها سندس پهرين ۽ آخري فلم ثابت ٿي. ان بعد مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر هيمنت ڪمار هن کي هڪ هندي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، پر هن اها آڇ قبول نه ڪئي. ڀڳونتيءَ پهريون پروگرام گوبند مالهيءَ جي قائم ڪيل ”سنڌي ڪلاڪار منڊل“ ۾ ڏنو. ابتدا ۾ هنديءَ ۾ ڳائيندي هئي. بنگالي فلم ڊائريڪٽر رتوڪ گھٽڪ هڪ دفعو گوبند مالهيءَ کان شاهه ۽ سچل جو فلسفو ٻڌڻ کان پوءِ هن کي اتساهه ڏياريو ته هندي فلم لائين ۽ سنگيت سان جڙيل رهڻ ڪري ممڪن آهي ته گوبند مالهي وڏو فلم ڊائريڪٽر ۽ ڀڳونتي ناواڻي به پلي بئڪ سنگر ثابت ٿئي، پر شاهه ۽ سچل جو ڇا ٿيندو؟ ڇا اهو ممڪن نه آهي ته هن ڇوڪريءَ معرفت سنڌ کان لڏي آيل ۽ هندوستان ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌي ۽ سندن نئون نسل سنڌ ۽ شاهه کي سڃاڻي وٺن ۽ پنهنجي ”سنڌيت“ کي قائم رکن. انهيءَ کان پوءِ ڀڳونتيءَ ۽ مالهيءَ ٻنهي پنهنجو ڌيان صرف ئي صرف سنڌي سنگيت کي ڏنو، جيڪو آخر تائين قائم رهيو. شاهه، سچل سرمست گورڌن ڀارتي، هوندراج ’دکايل‘، پرڀو ’وفا‘، واسديو نرمل، ڪرشن راهي، نارائڻِ شيام، شيخ اياز، موتي پرڪاش ۽ ٻين جي شاعريکي ڳايائين. هن جا ڳايل ڪرشن راهيءَ جا ”سنڌ ۽ سنڌي“ ڏوهيڙا/بيت ايترو ته مقبول ٿيا، جو هر هنڌ کيس انهن جي ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ويندي هئي. هن جي پرسوز آواز ۾ وطن سنڌ جي محبت ۽ سڪ موجود هئي. 
ڀڳونتي ناواڻيءَ سوين گيت، ڪلام، لاڏا، ڀڄن، مزاحيه گيت رڪارڊ ڪرايا، جن ۾ريڊيو تي ڳايل، هز ماسٽر وائس، ايڇ.ايم.وي، لانگ پلي رڪارڊ ۽ ڪيسٽون شامل آهن. هن کي شاهه جو ڪلام ”ڏني ڪا ماءُ سورن جي، پينگھي ۾ لولي ادا“ ڏاڍو پسند هو ۽ اڪثر بي ساخته جھونگاريندي رهندي هئي. ڀڳونتي هند ۽ سنڌ ۾ هڪ جيتري مقبول هئي. آل انڊيا ريڊيو معرفت کيس هند ۽ سنڌ مان وڏي تعداد ۾ خط ايندا هئا. هن ذري گھٽ سڄي هندستان ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. جوڌپور (راجستان) کان گوهاٽيءَ (آسام) تائين ۽ دهليءَ کان بئنگلور تائين جنهن به شهر يا وستيءَ ۾ سنڌين جا پنج گھر به هئا، ته ڀڳونتي ۽ سندس ڪلاڪار منڊل کي دعوت ڏئي گھرايو ويندو هو. هوءَ دبئي، هانگ ڪانگ، سنگاپور، ٽوڪيو، جڪارتا ، منيلا، ٽاپئي (فارموسا) ۽ لنڊن ۾ رهندڙ سنڌين جي دعوت تي ڪيترا ڀيرا اتي فن جي مظاهري لاءِ ويئي. جنم ڀومي سنڌ مان به کيس ڪيتريون دعوتون مليون، پر ويزا نه ملڻ سبب نه اچي سگھي. هن کي ڀٽ شاهه، درازا، نصرپور، شڌاڻي درٻار، سيوهڻ، اڏيري لال تي وڃي ڳائڻ جي ڏاڍي سڪ هئي. ان کان سواءِ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ساڌٻيلي ۽ ٻين شهرن کي ڏسڻ جو به ڏاڍو چاهه هئس. هن جا پسنديده سنگيتڪار: بلو، سي راڻي، سي. ارجن ۽ سي. لکميچند هئا. سندس گيتن جي اڪثر ڪمپوزيشن ميوزڪ سي.لکميچند ڏني آهي، جيڪو پاڻ به سٺو ڳائڪ هو. هن پنهنجي ساٿي گوبند مالهيءَ سان گڏ هند ۾ سنگيت ۽ ڊرامن ذريعي سنڌيت جو وڏو پرچار ڪيو. هن گوبند مالهيءَ جي صلاح تي سنڌي ڪلامن کي جديد طرز تي ڊسڪو تي به ڳايو. ”پيرين پوندي سان، چوندي سان“ شاهه جو ڪلام هن جو هر هر ٻڌڻ جهڙو هو.هن لاڳيتو پنج پنج ڪلاڪ به ڳايو. هوءَ پهرين سنڌي ڳائڻي هئي، جنهن ڪافي مخالفتن کي برداشت ڪري سنگيت کي بچائڻ جا جتن ڪيا ۽ ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن جي پسنديده شخصيت گوبند مالهي هو. هوءَ چوندي هئي ته مٿس گوبند مالهيءَ جي مهر ۽ ڇايا نه هجي ها ته هوءَ ڪامياب فنڪاره نه ٿي سگھي ها. ڀڳونتي ناواڻيءَ، گوبند مالهيءَ جي رهبريءَ ۽ هدايت ۾ سنڌيت جي عيوضي طور هند ۽ دنيا ۾ پاڻ ملهائي، سنڌيت جو شان اوچو رکيو. ڀڳونتي ناواڻيءَ جو امر آواز سنڌي نرتڪي انيلا سندر جي سنڌي نرتيه بئلي ”سنڌيت جي سرهاڻ“ ۾ به موجود آهي. ڀڳونتيءَ سڄي عمر شادي نه ڪئي ۽ چوندي هئي ته هن آرٽ ۽ موسيقيءَ سان شادي ڪري ڇڏي آهي. هوءَ هندوستان جي پهرينءَ صف جي گائڪن ۾ شمار ٿيندي هئي. ڪجهه عرصي لاءِ بمبئيءَ ۾ اعزازي طرح اسپيشل ايگزيڪيٽو مئجسٽريٽ به رهي. پر هن جي من جو لڳاءُ سنڌي موسيقيءَ سان ساهه جي آخري تند ٽٽڻ تائين قائم رهيو. سنڌ جي هيءَ بي بها نياڻي 46 سالن جي ڄمار ۾ 22 آڪٽوبر 1986ع تي سنڌي سنگيت کي ڇورو ڇنو ڪري وئي.
ڀڳونتي ناواڻيءَ جا ڳايل ڪجهه ڪلام





ڀيٽا 


Richest Sindhi of Hong Kong Hari Naroomal Harilela

Hari Naroomal Harilela GBM GBS OBE JP (10 August 1922 – 29 December 2014) was a Hong Kong based Sindhi businessman, hotelier and philanthr...