Friday, 25 January 2019

Lal chand Amardino Mal Jagtiani,


لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
يوسف سنڌي
سنڌي ادب ۽ ٻولي لالچند امر ڏني مل تي سدائين فخز ۽ ناز ڪندي رهندي، جنهن نه رڳو سنڌ ۾، پر ورهاڱي کانپوءِ جڏهن هندستان لڏي ويو ته اُتي به سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. سائين جي ايم سيد جي لفظن ۾ ”هن گهڻي خدمت ڪئي. هي پڪو محب وطن هو “. سنڌ سان ايتري ته محبت هيس، جومرڻ کان اڳ وصيت ڪئي هئائين ته ”منهنجي هاٺي سنڌو درياءَ ۾ داخل ڪئي وڃي. منهنجي گنگا سنڌو آهي“. 
سوانح:سرڳواسي لالچند ولد امر ڏنومل جڳتياڻي، 25جنوري 1885ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. سنڌي کيس گهر ۾ پڙهائي ويئي. پوءِ هيرانند اڪيڊمي مان ميٽرڪ تائين انگريزيءَ ۾ تعليم ورتائين. ميٽرڪ 1903ع ۾ پاس ڪيائين. 1904ع ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيو. پڙهڻ سان گڏ نوڪري به ڪندو هو. 1918ع تائين ائين ڪيائين. ڪجهه وقت سنڌ مدرسي ۾ ماستري ڪيائين. ڪجهه وقت پروفيسري به ڪيائين.
 ادبي خدمتون:لالچند امر ڏني مل هڪ ماستر جي حيثيت سان پنهنجي ادبي زندگي شروع ڪئي ۽ هڪ اعلى اديب ۽ ليکڪ جي حيثيت سان هي جهان ڇڏيائين. ادب جي هر صنف تي ڪتاب لکيائين. سنڌي زبان، شاهه لطيف، تصوف، گهرو زندگي، سماجي معاملا، ناول، ڊراما، ڪهاڻيون ۽مضمون لکيائين. ”پاڻ هڪ پختو فنڪار سليس ۽ سهڻي زبان لکندڙ ۽ ظرافت آميز عبارت جو صاحب هو. سندن زبان مٺي، سليس، صاف ۽ سهڻي هئي. عربي، فارسي،هندي ۽ سنسڪرت جي ڏکين لفظن کان پاسو ڪيو اٿس. جنهن ڪري سندس زبان ۽ عبارت عام فهم آهي . 
         طبيعت صوفياڻي هئس، تنهنڪري اسلامي تصوف جو مطالع ڪيائين، ويدانت جا ورق ورايائين ۽ ڀيٽيائين، ڏٺائين ته هرهنڌ حق آهي۽ اهو هڪ آهي. فساد ۽ فتنو ته اجايو آهي . انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي صوفياڻي ڪم کان متاثر ٿيو ۽ ٿيا سافيڪل سوسائٽي ۾ آيو ۽ اتي به پنهنجي هر دلعزيز شخصيت کي خوب چمڪايائين . لالچند امر ڏني مل پنهنجي صوفياڻي طبيعت جي ڪري ”پيغمبر اسلام“ جي تاريخ نهايت دلپذير انداز ۾ لکي، جنهن ڪري ڪي دوست کيس مذاق طور لالچند مان ”لعل محمد“ سڏيندا هئا. لالچند امر ڏني مل لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي قلم هلايو، سنڌي ٻولي، شاهه لطيف، ڊراما، تصوف، گهرو زندگي، سماجي معاملا وغيره تي ڀرپور نموني لکيو.
      لالچند امر ڏنو مل ڪانگريس جي هلچل جي ڪري 1922ع ۾ جيل ۾ پڻ ويو ۽ ديس جي آزاديءَ جي هلچل ۾ چڱو بهرو وٺندو رهيو. صحافتي دنيا ۾ 1929ع ۾ گوپالداس ليکراج جي جاري ڪيل اخبار ”پرڪاش“ ۾ ڄيٺمل پرسرام سان گڏ خدمتون سرانجام ڏنائين. 
     1930ع ڌاري لالچند، ڄيٺمل ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ برپا ڪئي. انهي طرفان نڪرندڙ ڪتابن جو ڏيڍ سال تائين ڄيٺمل ايڊيٽر رهيو، تنهن کانپوءِ اها ذميداري لالچند کنئي. ان سوسائٽي لاءِ ”عمر مارئي“ لکيائين. سندس مضمونن جا مجموعا ”ڦلن مٺ“ ۽ ”سدا گلاب“ فڪر ۽ زبان جي لحاظ کان عمدا ۽ معياري آهن. سدا گلاب، جيتوڻيڪ ٽئگور جي گارڊنر (GARDNAR) جي گيتن تان ورتل آهي، پر ترجمو آزاد ۽ نهايت سهڻو ڪيل آهي. ائين لڳي ئي ڪونه ٿو ته ڪو ”سدا گلاب“ ترجمو آهي. 
      1923ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ ”رابيندر ناٿ ٽئگور“ ناٽڪ منڊلي جو افتتاح ٿيو. ان منڊلي جو برک اڳواڻ به لالچند امر ڏنومل هو.      1940ع ۾ جڏهن ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪيو ويو (جيڪو پوءِ سنڌي ادبي بورڊ بنيو) ته ان ۾ هن اسسٽنٽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. سنڌي لغت کي تيار ڪرڻ لاءِ جيڪا ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، انهيءَ جو به اسسٽنٽ ٿي رهيو ۽ سنڌي لغت جي تياري لاءِ ڪوششون ورتائين. بورڊ طرفان 1946ع ۾ ”مهراڻ“ رسالي جي اشاعت عمل ۾ آندي ويئي ته پاڻ انهي جي ادارت ڪيائين.       لالچند امر ڏني مل 1932ع ۾، جڏهن شاهه لطيف جي ورسي پهريون ڀيرو ميران محمد شاهه ڀٽ شاهه تي ملهارائي ته انهي ۾ به بهرو ورتو، تنهن تنهن کانسواءِ سنڌ هاري ڪميٽي کي برپا ڪرڻ ۾ پڻ هن جو گهڻو حصو هو. لالچند امر ڏني مل 18اپريل 1954ع تي وفات ڪئي. سندس وصيت موجب سندس هاٺيون 18ڊسمبر1956ع تي سنڌو ندي جي حوالي ڪيون ويون. 
تصنيفون:
لالچند امر ڏني مل جي لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي. 1- سيڻ ڪي ويڻ (ڊرامو)، 2-نقد ڌرم (ڊرامو)، 3- چوٿ جو چنڊ (ناول)، 4- ڪشني جا ڪشٽ (طبعزاد ڪهاڻي)، 5-، ڏکن ڏڌي زندگي، - شاهاڻو شاهه (شاهه لطيف بابت)، 7- سچل سونهارو، 8- بيرنگي باغ جو گل (ٻه ڀاڱا-خليفي گل هالائي تي تنقيد)، 9- سدا گلاب (نظماڻو نثر)، 10- ڦلن مٺ (مضمون)، 11- عمر مارئي (ڊرامو)، 12- لڳ ننڍو جي گهڻو، 13- سون ورنيون دليون (ترجمو)، 14- ڪيرت رس، 15- پرمانند، 16- هندو نارين سان ويل، 17- سهڻي ميهار (ڊرامو)، 18- سچ تان صدقي (ناول)، 19- برونو، 20- حضرت محمد رسول الله، 21- مسافري جو مزو ۽ سير جو رنگ، 22- ماتمين کي دلداري، 23- سر ڪيڏارو، 24- حر مکي جا، 25- پريم جا ٻوڪ، 26- هندستان جي تاريخ (ڀاڱو پهريون)، 27- لڄاوتي،28- شاعراڻا گل، 29- ماڻڪ موتي لال، 30- ڀنڀور، 31- عملدار ڪين رعيت آزاد، 32- رام بادشاهه، 33- ميران، 34- سنڌي ٻولي جونچوڙ،35- جيل جي ڊائري، 36- شاهه جا ڪي سر، 37- سامي جا سلوڪ38- ننڍڙا ناٽڪ.

 ڪجهه ڪتابن جو جائزو: 1- چوٿ جو چنڊهي ناول سنڌي جي شروعاتي طبعزاد ناولن مان ڳڻيو وڃي ٿو، پهريون ڀيرو 1909ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو پلاٽ رواجي آهي، پر ليکڪ انهيءَ ۾ پنهنجي قلم وسيلي گهڻو چس پيدا ڪيو آهي. مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”ڪتاب لکي تيار ڪيم ۽ ڪيترن سڄڻن کي ڏيکاريم تن مان گهڻن جي صلاح ٿي ته بيشڪ ڇپائينس پر ته به پئي ترسيس ته متان ڪو اهڙو اجايو، سجايو ۽ گٿو حرف وڌو هجيم، جو ڪن اشرافن اخلاق جي عشق ۾ سرگردان صاحبن کي نه وڻي ۽ ڪراهت کان قيءَ اچي وڃين.“2- سون ورنيون دليونلالچند طبعزاد لکڻ سان گڏ ڪن ڪتابن جا ترجما پڻ ڪيا جن مان انگريزي ۾ لکيل ناول Hearts of Gold جو ”سون ورنيون دليون“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. مهاڳ ۾ پاڻ لکي ٿو. ”مون هن کي سنڌي ويس هن لاءِ ڍڪايو، جو چيم، پنهنجي ديس ڀاين کي ڏيکاريان جو ’سون ورني دل‘ وارا جيو جتي ڪٿي ٿين ٿا.“3- سدا گلاباهو پهريون ڀيرو هو، جو سنڌيءَ ۾ نظماڻو نثر لکيو ويو نه ته اڳ ۾ سنڌي ۾ هن قسم جا نظماڻا ٽڪرا نه لکيا ويا هئا. مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”آئون ڄاڻان ٿو ته سنڌي ساهت جي چمن ۾ هي سدا گلاب نپٽ نوان آهن، پر سنڌين کي هڪ واري اها طرز اچي ويئي ته انهن جي سڳنڌ جو ساءَ ڪيئن وٺجي ته پوءِ پڪ اٿم جو پاڻيهي پيا ڍڪ ڀريندا ته هي سدا گلاب برابر جيءَ کي جياريندڙ ۽ پريم سان پُر آهن.“

Thursday, 24 January 2019

Great Musician and Singer Ustad Muhammad Juman


استاد محمد جمن
سڄي حياتي غربت سان جهيڙيندڙ عظيم موسيقار ۽ راڳي
 استاد محمد جمن جا وڏا اصل ۾ بلوچستان جي علائقي لسٻيلي جا، ذات جا سخيراڻي هئا. هو ڳوٺ ڪَنڊِ جهنگ ۾ 10 آڪٽوبر 1935ع ڌاري حاجي احمد سخيراڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. جنهن کي ’آمن‘ به چوندا هئا. سندس وڏا سُرندو وڄائيندا هئا. هي انهن جي هنج ۾ ويهي سُرندو ٻڌندو هو ۽ سُرندي جا سُريلا آلاپ ٻڌي کيس ننڊ وٺي ويندي هئي. ان ماحول ۾ هُن هوش سنڀاليو ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيس. هن راڳ جي باقاعدي سکيا استاد نظر حسين کان ورتي. نظر حسين ملڪه ترنم نورجهان جو استاد به هو.

استاد محمد جمن جي جواني

 1947ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان وقت سنڌ ۾ ڪا به ريڊيو اسٽيشن ڪا نه هئي. 14 آگسٽ 1948ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي، جنهن جي نشريات انٽيليجنٽس اسڪول مان شروع ڪئي وئي. ان وقت ريڊيي ڪراچيءَ جو سرواڻ زيد. اي بخاري (ذوالفقار علي بخاري) هوندو هو. بخاري صاحب ريڊيو اسٽيشن ٺهڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ لوڪ ڳائڻن جي هڪ ٽولي کي ڪلفٽن تي ٻڌو. انهن ۾ محمد جمن به موجود هو. محمد جمن جي بينسريءَ سندس من موهي وڌو. اتان ئي بخاري صاحب محمد جمن کي ڪراچي ريڊيي اسٽيشن تي وٺي آيو ۽ ٻه چار منٽ کيس مائيڪروفون تي ٻڌائين. محمد جمن کيس راڳ ڪوهياريءَ مان ڌن ٻڌائي، جيڪا ڌن ئي سندس آڊيشن ۽ ٽيسٽ بڻي، جنهن کان پوءِ محمد جمن کي بخاري صاحب اسٽاف آرٽسٽ جي حيثيت ۾ ريڊيي جو ملازم ڪري رکيو.
زيڊ اي بخاري
هن ڪيترن ئي ڪلامن ۾ بينسري وڄائي. خاص ڪري استاد محمد ابراهيم جي ڳايل ڪلامن ۾. هڪ روايت اها آهي ته 1949ع ۾ استاد محمد جمن ۽ استاد محمد حسن ريڊيي تي آيا ۽ ٻئي گڏجي ڳائيندا هئا. ان کان پوءِ زيڊ. اي بخاريءَ کيس بينسري نواز جي حيثيت ۾ ٻڌو ۽ ملازم ڪري رکيو. ٻي روايت اها آهي ته محمد جمن 58-1957ع ڌاري ان وقت جي پروڊيوسر علي محمد چاڳلا صاحب وٽ، جيڪو پهريون سنڌي پروڊيوسر به هو، ڳائڻ جي آڊيشن ڏني، پر چاڳلا صاحب کيس اهو چئي ناپاس ڪري ڇڏيو ته ”تنهنجو تلفظ ڪچو آهي ۽ تون ڪجهه پڙهي به نه ٿو سگهين“. تنهن کان پوءِ هُن پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ پهريون درجو اڌو گابرو پڙهيائين ۽ ڪجهه پڙهڻ لکڻ جهڙو به ٿيو ۽ پنهنجو تلفظ به سڌاريائين. هن شاهه صاحب جي ٻوليءَ کي ڏاڍي سهڻي نموني ڳايو ته ٻين ماڻهن سندس ڪلام ٻڌي پنهنجو اچار سڌاريو. هن ريڊيي تي سڀ کان پهريان شاهه سائينءَ جوهيءُ ڪلام رڪارڊ ڪرايو: ’دوست پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو‘ آگسٽ 1955ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن ٺهي ته استاد محمد جمن کي اتي موسيقار جي حيثيت ۾ موڪليو ويو. هو اتي ڳچ عرصو رهيو ۽ سنڌي موسيقيءَ جي گهڻي خدمت ڪيائين. حيدرآباد ۾ رهڻ دوران هن سنڌ جي مختلف صوفي بزرگن جي ڪلام کي منظوم اردو ترجمي سان گڏ به رڪارڊ ڪرايو. سندس ڳايل اهڙن ڪلامن ۾ اردو ترجمو سندس هڪ شاگردياڻي ثريا حيدرآبادي ڳائيندي هئي. استاد محمد جمن هونئن ته ڪيترائي ڪلام ڳايا، پر هن شاهه سائينءَ جي ڪلام کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ ڳايو. ٻين صوفي بزرگن ۽ جديد شاعرن کي به ڳايائين، ليڪن جيڪو ڪلام سندس سڃاڻپ بڻيو سو آهي، شاهه سائينءَ جو ڪلام: منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آءُ ڪيئن، گذاريان!! ان ڪلام جي ڌن ان وقت جي مشهور موسيقار ديبو ڀٽاچاريه ٺاهي هئي. اهو ڪلام ايڏو ته مقبول ٿيو، جو هر محفل ۾ استاد کان فرمائش ڪئي ويندي هئي.

 ان ڪلام کان پوءِ استاد محمد جمن جو ڳايل ٻيو جيڪو ڪلام گهڻو مقبول ٿيو، سو هو بُلي شاهه جو ”انت بحر دي ڪل نه ڪائي، رنگيءَ رنگ بڻايا!“. استاد محمد جمن ٻن فلمن لاءِ به ڳايو. هڪ سنڌي فلم ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ ۾. مشهور بينجي نواز، بلاول بيلجيم جي موسيقيءَ ۾ نغما ڳايائين. ان فلم جو نغمو ”هو سهڻا يار سڄڻ“، ٻي اردو فلم ”ڪالو“، جيڪا ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي جي عڪاسي ڪندڙ هئي. ان فلم ۾ مشهور اداڪار محمد عليءَ مُک ڪردار ادا ڪيو هو، ان ۾ استاد محمد جمن شاهه سائينءَ جو هيءُ ڪلام ڳايو: ”آءُ جيها ئي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين!“ استاد محمد جمن اردو، سرائڪيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ڳايو. سندس ڳائڻ جي خاص ڳالهه اها هئي ته سنڌي راڳ جي خاص انگ کي قائم رکيائين.سندس ٺاهيل ڌنون تمام گهڻو مقبول ٿيون. اهي ڌنون ٻين به ڪيترن ئي فنڪارن ساڳي انداز ۾ ڳايون. هن ڪيترن ئي شاگردن کي سکيا به ڏني، جيئن زرينا بلوچ، زيب النساءِ، علي محمد خاصخيلي، جميلا ناز، شفيع محمد وغيره. اهي فنڪار به پاڻ سنڌي موسيقيءَ جا وڏا نالا آهن. استاد محمد جمن حيدرآباد کان پوءِ ڪراچيءَ ريڊيي تي واپس وريو ۽ آخر تائين اُن سان وابسته رهيو. کيس نم جو وڻ تمام گهڻو وڻندو هو. ڪراچيءَ ۾ سندس گهر اڳيان نم جو وڻ هوندو هو، جنهن جي ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ ويهي رياض به ڪندو هو ته مهمانن سان ڪچهري به ڪندو هو. هن جو سُرُ ڪوهياريءَ مان ڳايل شاهه لطيف جو هيٺيون ڪلام سندس مشهوريءَ جو سبب پڻ بڻيو: ڪارون وس ڪيام، لڏي ڏور ويا، مُئيءَ جو هوت نه موٽيو! 

هن ملڪ کان ٻاهر به پنهنجي فن جو مظاهروڪيو. 1962ع ۾ پاڪستان جا لوڪ ڳائڻا روس ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ڏانهن ويا، انهن ۾ استاد محمد جمن سنڌ جي فنڪارن جي رهبري ڪئي. هو هندستان، بنگلاديش، ايران، انڊونيشيا، چين ۽ افغانستان به ويو. استاد محمد جمن کي ڪيترائي ايوارڊ جهڙوڪ: پرائيڊ آف پرفارمينس، شاهه لطيف اوارڊ ٻه ڀيرا ۽ حضرت سچل سرمست اوارڊ وغيره مليا. سنڌي سُر ۽ سنگيت جو تمام وڏو خدمتگار، بهترين موسيقار ۽ فنڪار استاد محمد جمن، 24 جنوريءَ 1990ع تي صبح جو پنجين وڳي اسان کان جدا ٿي ويو.

Iron Man of Sukkur - Vero Mal Begraj


سنڌ جو خدمتگار: ويرومل بيگراج

جي ايم سيد

هن جو والد، ڀائي بيگراج، سوامي هرنامداس جي چوڻ مطابق، ساڌ ٻيلي ۾ پاڻيءَ جا مٽ ڀرڻ جي شيوا ڪندو هو. ماني به گهران کائي ايندو هو ۽ پاڻي دريا مان پيئندو هو. چي؛ پنهنجي ڀريل انهن مَٽن مان، پاڻي پيئڻ جي معنيٰ ٿيندي اُجورو وٺڻ! سمربيت ويرومل، 24 جنوري 1874ع تي رات جو نائين بجي، ڀائي هيمنداس جي ٽڪاڻي جي ڀر واري پنهنجي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌيءَ جا ٽي درجا شڪارپور ۾ ماستر ڄيٺانند وٽ، ۽ چوٿون درجو سکر ۾ ماستر هريسنگهه وٽ پڙهيو. انگريزي پنج درجا سکر ۾ پڙهيائين ۽ ڇهون ستون درجو شڪارپور ۾ پڙهيائين. پوءِ سيڪنڊ گريڊ پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 18- مئي 1893ع تي، سکر اَلبرٽ پريس ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو، جتي ٽن ورهين کان پوءِ جڏهن پنجويهه رپين پگهار تي پهتو، ته روينيو کاتي ۾ کيس چوڏهن رپين جي پگهار سان نوڪري ملي. اهو آرڊر کڻي، شري گوڪلداس وٽ آيو، جنهن اهو آرڊر ڦاڙي، کيس چيو ته؛ تو کي ماڻهو بنائبو، نه غلام! انهيءَ واقعي سندس حياتيءَ ۾ عجيب ڦيرو آندو. پوءِ هو شري گوڪلداس جي صحبت ۾، 1895ع ۾ شروع ڪيل ”سڌار سڀا“ ۾ حصو وٺڻ لڳو، ۽ ”ڪنيا پاٺشالا“ ۾ ماستر ٿي ڪم ڪيائين. شراب جي بهشڪار جو پرچار ڪندو، راڳ ڳائيندو رهيو. 1897ع ۾ پليگ جي بيماري پيئي. سکر شهر جا ماڻهو لڏڻ لڳا. ان وقت، سماجي خدمت ڪندي، شري ويرومل چڱو پاڻ موکيو.

ساڌو گوڪلداس شيوا ڪندي بيماريءَ جو شڪار ٿيو، ۽ 2 اپريل 1897ع تي وفات ڪيائين. پوءِ ”سڌار سڀا“ جو سمورو ڪم شري ويورمل کي سنڀالڻو پيو. سندس ڪوشش سان، ”سڌار سڀا“ جي عاليشان جاءِ تيار ٿي، جتي رام- ليلا ۽ پرهلاد - ليلا جا ناٽڪ ٿيندا رهيا، جن ۾ خود به پارٽ وٺندو هو.

1901ع ۾ شري ويرومل پنهنجي پريس چالو ڪئي. ابتدا ۾ ان جو نالو ”ايڊورڊ پريس“ رکيائين، جو پوءِ بدلائي ”تلڪ پريس“ ڪيائين. اتان ”سنڌي“ بالي هفتيوار اخبار ڪڍندو رهيو، جا قريبًا چاليهه سال کن هلندي رهي. صحافت جي دنيا ۾ به سندس نالو مشهور هو. سکر ۾ پهرين راڄنيتي ڪانفرنس، آنربل سيٺ هرچندراءِ وشنداس جي صدارت هيٺ، 1908ع ۾ ڪٺي ٿي، ٻي پنگتي ڪانفرنس راءِ بهادر ڪوڙيمل جي صدارت هيٺ ڪٺي ٿي. شري ويرومل ٻنهي ڪانفرنسن جي سڏائڻ جو انتظام ڪيو، ۽ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين.

ٻئي سال، 1909ع ۾ ساڳئي قسم جي ڪانفرنس، حيدرآباد سنڌ ۾ ڪوٺائي ويئي، جتي سوديشي لاءِ شري ويرومل جو ڇپايل ڪتاب شايع ڪيو ويو. ان تي شري ويرومل ۽ سيٺ ڄيٺومل کي ٽي ٽي سال شهر کان جلاوطني ۽ پنجاهه رپيا ڏنڊ پيو، ۽ مهراج گورڌنداس کي پنج سال جيل جي سزا ملي. سنڌ ۾ سياسي ڏوهن ۾ سزائن ڪاٽڻ جو اهو پهريون دفعو هو. ان ڪري شري ويرومل کي ملڪ خاطر سزا ڪاٽڻ وارن قومي ڪارڪنن جي صف اول ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.

شري ويرومل 30 جون 1912ع تي آزاد ٿيو، ته سيٺ هيرانند مينڊي کيس ٻه لک رپيا ڏيئي، ولايت وڃي واپار ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر هن جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو، ان کي ڇڏي نه سگهيو. شري ويرومل صوفي منش ماڻهو هو. سن 1917ع ۾، حيدرآباد ۾، صوفي سميلن ڪانفرنس ڪٺي ٿي هئي، تنهن جو کيس صدر چونڊيو ويو هو. سکر ۾ ”سرو سڀا منڊل“، مسٽر اُڌارام ميرچنداڻيءَ جي ڪوشش سان برپا ٿيو: مهاشيه ويرومل کي ان جو پهريون صدر چونڊيو ويو.

انهن ڏينهن ۾ سندس اهڙو اثر هو جو جڏهن ”تلڪ سوراج فند“ لاءِ اپيل ڪيائين، ته سکر جي شهر مان پنجن ڏينهن ۾ پنجٽيهه هزار رپيا ڪٺا ٿي ويا! ان وقت سکر جي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ماهيانو خرچ سورهن سؤ رپيا هو، جنهن ۾ قومي ڪورٽ تي چار سؤ رپيا، قومي اسڪول تي چار سؤ رپيا، ۽ باقي چار سؤ رپيا ريزڪي خرچ ٿيندو هو.

سکر ان وقت راڄنيتي هلچل جو مکيه مرڪز هوندو هو. ٽڪريءَ تي، ليوڪس پارڪ واريءَ جاءِ تي، پبلڪ ميٽنگون ٿينديون هيون، جن ۾ هزارين ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. صوبه سنڌ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو دفتر انهن ڏينهن ۾ سکر ۾ هوندو هو. شري ويرومل ان جو صدر هوندو هو. 1916ع ۾ مهاتما گانڌي سکر آيو، ته مهاشيه ويرومل جي ڪوشس سان سندس وڏو پروگرام رٿيو ويو هو. لوڪمانيه تلڪ سکر ۾ آيو، ته سندس وڏي آجيان ڪئي ويئي. ان کان پوءِ ڀائي هيمنداس جي ٽڪاڻي تي ”تلڪ هال“ نالو رکيو ويو.

1922ع ۾، مٽيءَ مٽڪ واري ڪيس ۾، مهاشيا ويرومل کي ٻه سال سزا ملي، اتان آزاد ٿيڻ تي سکر واسين سندس نهايت وڏي آجيان ڪئي. سکر ضلعي ۾، 1930ع ۾، فرقيوار فساد ٿيا ۽ ٻوڏون ٿيون. ان وقت هن سهائتا-ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ٿي، 88 هزار رپيا ڪٺا ڪري ضلعي ۾ ورهايا. شري ويرومل سکر ميونسپالٽيءَ جو ڪيترن سالن تائين مکيه ميمبر رهندو آيو. ان جي جدا جدا ڪاميٽين جو چيئرمين به رهيو. سدائين پهرئين تڪ مان چونڊبو ايندو هو ۽ کيس اڪثري ”ميمبر ميڪر“ ڪري سڏيو ويندو هو.

1931ع ۾ جڏهن آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيو، ته ان وقت هن سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان جدائيءَ خلاف ڪانگريس ليڊرن سان بحث ڪيو. جڏهن الهه آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪٺي ٿي، ته ان ۾ مهاشيه ويرومل سنڌ جي جدائيءَ جي سخت مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ هن ڪانگريس کان جدا ٿي، سنڌ ۾ ”هندو مها سڀا“ قائم ڪئي، جنهن جو ورهين جا ورهيه هو صوبائي پريزيڊنٽ رهندو آيو. حيدرآباد دکن ۾ جڏهن هندن طرفان ستياگرهه شروع ٿيو ته مهاشيه ويرومل اتي ڪيترا ئي والنٽيئر موڪليا هئا. سکر ۾ گوديءَ جي مزدورن جي اسٽرائيڪ ۽ مساڻن واري ستياگرهه ۾ هن ٺاهه ڪرائڻ لاءِ گهڻي ڪوشش ورتي. تعليم جي واڌاري جي ڏس ۾ به هن چڱي خدمت ڪئي. خاص ڪري ڇوڪرين ۽ مزدورن جي تعليم لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيائين. واڌو مل اڪيڊمي ۽ اپر سنڌ ڪاليج شڪارپور جي ترقيءَ لاءِ هن گهڻي ڪوشش ڪئي. ”سڌار سڀا“ طرفان، وڌوا عورتن جي لاءِ هڪ ڪارخانو کليو، ان جي کولائڻ ۾ به هن جو هٿ هو.

1939ع ڌاري سکر ۾، منزل گاهه مسجد جي سلسلي ۾ هندو- مسلم فسادن وقت سرڪار کيس سکر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو ۽ وڏيءَ ٻوڏ ڀيري، هن چندو ڪٺو ڪري غريبن ۾ ورهايو. هي سنڌي قوم پرستن ۾ مکيه ماڻهو هو، ۽ سندس وسيلي ڪيترا ئي نوجوان ڪم ڪندڙ پيدا ٿيا. ساريءَ سنڌ جي قومي ڪم ڪندڙن ۾ هن لاءِ وڏي عزت هئي.

مون کيس پهرين 1920ع ۾، سنڌ پراونشنل ڪانگريس جي ڪانفرنس جي موقعي تي ڏٺو، جا حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ ٿي هئي ۽ هيءُ ان جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين هو. پوءِ اهڙو دور آيو، جنهن ڪري مڪاني ردعمل جي چڪر ۾ اچي، هي فرقيوار ذهنيت واريءَ سياسي وهڪ ۾ لڙهي ويو. اها حالت گهڻن ئي قومي ڪارڪنن تان گذري آهي. ان ڪري هن ڪانگريس کي ڇڏي، ”هندو سڀا“ ٺاهي، ۽ سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت ڪرڻ لڳو؛ ليڪن سندس دل سالم هئي. سکر ۾ هندو-مسلم فساد ٿيا، ۽ جنهن وقت سڀ ڌريون جوش ۾ هيون، هن صاحب جو دماغ توازن ۾ هو. سندس ڪوشش سان مسلم ليگ ۽ هندن جي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ مير بنده علي خان جي هٿ هيٺ وزارت ٺهي. شيخ عبدالمجيد ۽ آءٌ وزارت ۾ داخل ٿيڻ جي خلاف هئاسون، پر هن ۽ دادا ڄيٺمل زوريءَ اسان کي وزارت قبول ڪرائي.

جڏهن ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته سڀ هندو لڏپلاڻ ۾ لڳي ويا. ڪانگريس جا مکيه ڪارڪن ملڪ ڇڏي ويا، پر هي محڪم ارادي جو ٿي بيٺو. چي؛ ”وطن کي ڪيئن ڇڏبو! ڄاوا وطن ۾ آهيون، ته مربو به وطن ۾!“ سکر مان جڏهن سڀ هندو لڏي ويا ۽ ٻاهران آيل مهاجرن جي وچ ۾ رهڻ هندن لاءِ دشوار پئي نظر آيو، ته به هن جي دل لوڏو ئي نه کاڌو. چي؛ ”ملڪن ۽ قومن تي عارضي مشڪلاتون اينديون آهن، انهن کي مڙس ٿي منهن ڏبو. ڀڄي جان ڇڏائڻ، ڪانئرن جو ڪم آهي.“ پنهنجي انهيءَ ارادي تي، باوجود بيماريءَ ۽ ڪيترين تڪليفن جي، پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو.

1945ع ۾، جڏهن اسان جا مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف پيدا ٿي پيا، ته سندس فرزند رامچند جي اخبار ”قرباني“، پريس سميت خريد ڪري، اسان ڪراچيءَ مان ڪڍڻ شروع ڪئي، جا ڪجهه سال هلڻ بعد سرڪاري بندش پوڻ ڪري بند ڪئي ويئي. ويرومل جي رهڻي ڪرڻي سادي، ۽ خيال اوچا هوندا هئا. ٻياسي ورهين جي عمر تائين سندس ڏند ۽ اکيون سالم رهيا. هميشه کاڌي پائيندو هو ۽ سادو پائيندو هو. سندس دل سالم، ارادو مضبوط، ۽ ذهن صاف هو. هن سنڌ جي روشن مستقبل مان ڪڏهن به اميد نه لاٿي. 1941ع ۾ کيس اڌرنگ جي بيماريءَ جي چپيٽ آئي، پر وري چاڪ ٿي ويو. 16 جولاءِ 1956ع تي، شام جو، شڪارپور ۾، پنهنجي فرزند مسٽر رامچند جي ڪوهنور پريس مٿان جڳهه ۾، ٻياسي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ڀاءُ ڄيٺمل پرسرام ۽ مهاشيه ويرومل بيگراج، پنهنجو مَٽ پاڻ هئا.
(جنب گذاريم جن سين تان ورتل)

Sunday, 20 January 2019

Sahib Singh Chanda Singh Shahani (S.C. Shahani)


صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي (ايس سي شاهاڻي)
مختيار ملاح
صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻيءَ (1868_1931ع) جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. پاڻ 1896ع ۾ ڊي.جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. ڪاليج جي ميگزين جو ايڊيٽر رهيو. 1917 کان 1927ع تائين ڪاليج جو پرنسپال رهيو. عورتن جي تعليم لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيائين ۽ پنهنجي سڀني نياڻين کي تعليم ڏياريائين. ادبي دنيا ۾ ناول نگار هو ۽ ٿامس هارڊيءَ کان متاثر هو. سندس ٽي ڪتاب : ”بلوکوکر“ (ناول 1930ع)،http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Navel/Book13/Book_page1.html ”تارن جو اڀياس“ (ناول 1930ع) ۽ ”سيل پري“ (قصو) اهم آهن. ايس. سي شاهاڻي جڏهن ڊي جي سنڌ ڪاليج پرنسپال ٿي آيو ته ڪاليج ۾ قائم انجنيئرنگ، قانون ۽ آرٽس جي شعبن کي ڌار ڪاليج جو درجو ڏيڻ جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني. شاهاڻي صاحب پارسي واپاري جمشيد مهتا جي مدد سان ايڊلجي ڊنشا ۽ سيٺ هرچند راءِ وشنداس جي خاندان کان چندو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته پرنس آف ويلز فنڊ مان به کيس 50 هزار روپيا مليا. اهڙيءَ ريت ايس سي شاهاڻي 1922ع ۾ اين اي ڊي ڪاليج کولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ڪاليج جو نالو نادرشا ايڊلجي ڊنشا (اين اي ڊي) نالي پويان رکيو ويو. ايس سي شاهاڻي، اين اي ڊي ڪاليج جي ڪامياب تجربي کانپوءِ قانون لاءِ ڌار ڪاليج قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، بورڊ ۽ يونيورسٽيءَ جي منظوريءَ کانپوءِ ساڳئي عملي جي مدد سان شاهاڻي صاحب 1926ع ۾ ڊي . جي ڪاليج جي عمارت ۾ ئي شام جو ‘سنڌ ڪاليجٽ بورڊ لا ڪاليج’ قائم ڪيو. اڳتي هلي بورڊ ايس سي شاهاڻيءَ جي تعليمي خدمتن سبب اهو ڪاليج سندس نالي سان منسوب ڪيو. ورهاڱي تائين هي ڪاليج ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج جي نالي سان هلندو رهيو. 

اڳوڻو ايس سي لا ڪاليج ۽ هاڻوڪو ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي

شاهاڻي صاحب جي دؤر ۾ نه رڳو سائنسي تعليم پر آرٽس جي تعليم تي به خاص ڌيان ڏنو ويو. آرٽس جي شعبي کي مکيه عمارت مان ڪڍي ڊي جي ڪاليج جي آڏو سنڌ سيڪريٽريٽ ويندڙ روڊ تي ڪراچي ميوزيم واري جاءِ خريد ڪري ان ۾ منتقل ڪيو ويو. اهو ڪاليج ايس. ايم ڪاليج جي نالي سان اڃ به هلي رهيو آهي. شاهاڻي صاحب حقيقي تعليمدان هو، هو نه رڳو روشن خيال هو پر سندس نظر مستقبل جي تعليمي ضرورتن تي هئي، هن کي اهو احساس هو ته سنڌ زرعي طور خوشحال پرڳڻو آهي، ان لاءِ اڳتي هلي زرعي ماهرن جي ضرورت پوندي، ان مقصد لاءِ هن بورڊ آڏو ‘سنڌ زرعي ڪاليج’ قائم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي ۽ زرعي ڪاليج ۽ زرعي فارم لاءِ هن برنس گارڊن (موجوده نيشنل ميوزيم) وارو ميدان ڏيڻ آڇيو، پر کيس ان جي منظوري نه ملي سگهي .

Friday, 18 January 2019

Once in Sindh always in Sindh: H. E. M. James



(هينري ايوان جيمس (ڪمشنر سنڌ

مختيار ملاح 

مسٽر هينري ايوان جيمس (Henry Evan James)، جو جنم 16 اپريل 1872ع ۾ ٿيو ۽ هن پنهنجي تعليم ڪيٿڊرل اسڪول ۽ گرامر اسڪول مان حاصل ڪئي. سنڌ م سندس تمام گهڻو وقت گذريو ۽ مختلف عهدن تي رهيو ۽ ترقيءَ منزلون طئي ڪيائين. 1891ع کان 1900ع تائين سنڌ جو ڪمشنر رهيو. پر ان کان اڳ، 16 اپريل 1872ع کان 1 جون 1872ع تائين سنڌ جي تعليم کاتي سان منسلڪ رهيو. هن صاحب نائونمل جي يادگيرين کي ترجمو ڪرائي ۽ ايڊٽ ڪري انگريزيءَ ۾ شايع ڪرايو . هن جي دور ۾ ڪراچيءَ ۾ جانورن جي اسپتال (Richmond Veterinary Hospital) تعمير ٿي. هيءَ اسپتال اڄ به ڪراچيءَ ۾ (بندر روڊ) تي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي قديم عمارت جي ڀرسان واقع آهي. 
Richmond Veterinary Hospital
سندس نالي سان سنڌ ۾ هڪ شهر آباد ڪيو ويو، جنهن جو نالو جيمس آباد رکيو ويو. هاڻي اهو شهر ڪوٽ غلام محمد جي نالي سان سڏجي ٿو. 1893ع ۾ سنڌ جو تڏهوڪو ڪمشنر مسٽر ايوان جيمس هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڊي.جي. ڪاليج گهمڻ آيو. 

هن پنهنجي تقرير ۾ سنڌ جي تاريخ سان گڏ، اتساهه ڏيندڙ ڳالهيون پڻ ڪيون، ان مان هڪ اقتباس هيٺ ڏجي ٿو”اسان ۾ ڪيترائي يورپي آفيسر آهن، جن سنڌ ۾ نوڪري ڪئي آهي تن کي سنڌ ڏاڍي پياري آهي. سنڌ جي جبل جو دهڪاني جيڪو الپائن جبل جي شڪاري سان ڪلهو هڻي ٿو، هڪ ڊڄندڙ هاري جنهنجو خريف جو فصل ٻوڏن ناس ڪيو آهي ته به نهايت جوان مرديءَ ۽ همٿ سان مانڙي ڪري انهيءَ نقصان کي وساري سڌو سنئون ربيع جي تياري کي لڳي وڃي ٿو، گڊي (غلام) کان وٺي جت تائين جو اٺ چاري ٿو ڄاڻي ۽ خود سنڌ جي ڪريل ۽گهٽ درجي جو شڪاري ، انگريز آفيسرن کان ڳجهو نه آهي. هو انهن سڀني ڪلاسن جي ماڻهن کي سمجهائن ٿا ۽ انهن سڀني جي قدر داني ڪن ٿا ۽ عزت ڪن ٿا، تنهن ڪري اسان انگريزن ۾ هي پهاڪو آهي ته : “Once in Sindh always in Sindh” يعني ” هڪ دفعو جيڪو سنڌ ۾ آيو ته پوءِ سنڌ جو ٿي ويو“ يعني هو سنڌي ٿي ويو“.

اڳوڻي جيمس آباد هاڻوڪو ڪوٽ غلام محمد


هن بابت وڌيڪ معلومات لاءِ هن لنڪ کي کوليو


Thursday, 17 January 2019

Ghullam Rabani Agro


غلام رباني آگرو: جهڙو گل گلاب جو

محمد علي مانجهي

            جن اديبن ۽ ليکڪن سنڌي ٻوليءَ ۾ جديد سنڌي ادب جو بنياد وڌو انهن ۾ غلام ربانيءَ جو نالو نمايان آهي. شيخ اياز ۽ سائين ابراهيم جويي جو ساٿي ناليوارو اديب ۽ محقق غلام رباني آگرو، سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو جن جديد سنڌي ادب، خاص ڪري جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي. ورهاڱي واري دور کان وٺي عمر جي آخري دور تائين يعني 2010 تائين هو لڳاتار لکندو رهيو. منهنجي خيال ۾ اهڙا اديب اسان وٽ گهٽ آهن، جن لڳاتار ايترو لکيو ۽ وري سو به معياري لکيو. ڪهاڻيءَ کان سواءِ تحقيق ۾ به سندس نالو وڏو آهي. هن جنهن به موضوع تي قلم کنيو، اُن سان واهه جو نڀايو. پوءِ اهو قلندر تي هجي، روضي ڌڻي تي هجي، مخدوم معين ٺٽوي تي هجي يا ڪنهن ٻئي موضوع تي. مون هڪ ڀيري 2009 ۾ قلندر جي ميلي جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي دعوت جو خط/ڪارڊ موڪلڻ کان پوءِ ساڻس فون رستي ڳالهايو ۽ ميلي ۾ ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پاڻ وراڻيائين ته ”کيس ڪارڊ ملي چڪو آهي، پر سندس طبيعت خراب هئڻ ڪري هو اچي نٿو سگهي.“ اُن ڏينهن فون تي ڳالهه ٻول دوران قلندر ۽ خاص ڪري اُن دور جي حالتن تي هن جيڪو ڳالهايو، سو سچ پچ وسارڻ جهڙو نه آهي، اهو حقيقت ۾ صوفي ازم ۽ قلندر جو عالماڻو تجزيو هو. ڪاش! آئون اهو سمورو رڪارڊ ڪري سگهان ها. اهو سچ آهي ته سندس وسيع مطالعي ۽ ذهني سگهه جي بلنديءَ کي ٻڌي آئون دنگ رهجي ويس. اُن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته رباني صاحب جو وسيع مطالعو ۽ تجربو ته ڪمال جو هو. مون کيس جڏهن به جنهن موضوع تي ڳالهائيندي ٻڌو يا پڙهيو ته هميشھ مونکي فخر محسوس ٿيو ته سنڌ ساڻيهه ۾ هيڏي وڏي علمي معيار جا اديب به آهن. 2009 ۾ ثقافت کاتي پاران سائين محمد ابراهيم جويي جي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ملهايل شاندار پروگرام ۾ ساڻس بنهه مختصر ڪچهري ٿي. اُتي ڳالهين ڳالهين ۾ سندس ننڍپڻ جو ذڪر نڪتو. هن پنهنجي ننڍپڻ جون يادگيريون ٻڌائيندي چيو ته سندس پيءُ استاد هو. پاڻ پرائيمري تعليم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪئي هئائين. هو ڏاڍن ڏکن ۽ تڪليفن سان پڙهيو هو. هو اُن جو ذڪر ڪيتري دير تائين ڪندو رهيو. مون دل ۾ سوچيو ته جيڪو به شخص تڪليفن سان پڙهندو يا ڪو ڪم سِکندو آهي اهو ئي سگهارو انسان هوندو آهي. اُن ڏينهن هن وڏو ساهه ڀري ٻڌايو هو ته ڪيئن نه هو سردين گرمين ۾ پنڌ ڪري اسڪول ۾ پڙهڻ ويندو هو. بنهه گهٽ سهولتن هوندي به مختلف هنڌن تي تعليم پرائيندو رهيو. مون سوچيو ڪاش! اسان جا نوجوان هنن عظيم شخصن مان سبق سکي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سندس زندگيءَ جو مختصر خاڪو پڙهندڙن لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو:
غلام رباني آگرو ولد عبداللطيف آگرو 5 نومبر 1933ع تي ڳوٺ آگري، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀئونرن جي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. سن1951ع ۾ نوشهري فيروز مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هن وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. ايل ايل بي ڪراچي مان ڪئي. شروعات ۾ ٻن سالن تائين نئين زندگيءَ ۾ نوڪري ڪيائين، جنهن جو اُن وقت ايڊيٽر مولانا عبدالواحد سنڌي هو. گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 76-1970ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدي تي ڪم ڪيائين. ادبي بورڊ جي نوڪريءَ دوران 1959ع کان 1964ع تائين ٻارڙن جي رسالي گل ڦل جو ايڊيٽر رهيو. 1976ع ۾ جڏهن شيخ اياز يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو تڏهن رباني صاحب کي پرووائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. 1979ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي پرو-وائيس چانسلر طور خدمتون سرانجام ڏنائين. وري 1984ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ساڳئي عهدي تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ وفاقي وزارتِ تعليم ۾ کيس اسلام آباد ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي هو ملڪ جي ممتاز علمي ۽ ادبي اداري اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جو پهريائين ڊائريڪٽر، پوءِ ڊائريڪٽر جنرل ۽ آخرڪار چيئرمين رهيو. وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر واري عهدي تي به رهيو. تنهن کانپوءِ 1997ع ۾ وري سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري ٿيو. رباني صاحب ملڪ جي اهم ادبي ۽ علمي ادارن: اقبال اڪيڊمي لاهور، اداره ثقافت اسلاميه لاهور، اردو لغت بورڊ ڪراچي، قائد اعظم اڪيڊمي ڪراچي، نيشنل بُڪ ڪائونسل آف پاڪستان اسلام آباد، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهيو. فلم سينسر بورڊ جو ميمبر به رهيو ۽ ان جي اپيليئيٽ ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. فلمي ايوارڊن جي نيشنل ڪاميٽيءَ ۽ ٽيليويزن ايوارڊن جي قومي ڪاميٽيءَ تي جج طور به ڪم ڪيائين.
غلام رباني آگري ادب ۾ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان شروعات ڪئي. هن ڪيتريون خوبصورت ڪهاڻيون لکيون ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان متعارف ٿيو. ذڪر ٿي چڪو آهي ته غلام رباني آگري جو شمار جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي معمارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪهاڻين کي جديد سنڌي ادب م هڪ منفرد ۽ مستند مقام حاصل آهي. هونئن ته آگري صاحب جون ڪهاڻيون هر لحاظ کان شاهڪار آهن پر مون کي جيڪا ڳالهه سندس ڪهاڻين ۾ شدت سان نظر آئي، اها آهي سنڌ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ڀٽائي سان اٿاهه عشق. هن پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع، پلاٽ ۽ ڪردار گهڻو ڪري پنهنجي ئي سماج مان کنيا آهن. جيڪي سنڌي سماج ۾ موجود رهيا آهن. توڙي جو ڪي سندس تخيل به آهن پر اُهي به هن ئي سماج جو چٽو عڪس آهن. جيڪا ڳالهه هو پاڻ به مختلف وقتن تي ڪري ۽ لکي چڪو آهي. 1960ع ۾ سندس ڪهاڻين جي ڪتاب ”آب حيات“ ۾ آگرو صاحب لکي ٿو ته ”مون پنهنجي ننڍيءَ ڄمار ۾ جيڪي واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا آهن، تن مان ڪن کي ڪهاڻين جو ويس ڍڪائي عام ماڻهن جي اڳيان پيش ڪيو اٿم. ڪي ڪهاڻيون اهڙيون به آهن، جي رڳو خيالي آهن، هر ڪهاڻيءَ ۾ منهنجي ڪوشش هر صورت، اها ئي رهي آهي ته ڪوڙ کي سندس اصلي روپ ۾ نروار ڪريان. منهنجي لکڻ جو مقصد اهو ئي آهي. روح رهاڻ جي سرواڻ محترم حميد سنڌي ساڳئي ڪتاب ”آبِ حيات بابت ٻه اکر“جي شروع ۾ لکيو ته ”سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب جي واڌاري واسطي، پنهنجي هن نوجوان اديب سان اسان جون الاهي اميدون وابسته آهن. سنڌ جي اعليٰ مورخ ۽ برگزيده شخصيت سيد حسام الدين راشديءَ پنهنجي هڪ دوست کي خط ۾ لکيو هو ته ”سنڌي ادب جي دنيا ۾، اڳتي هلي اسان جو غلام رباني هڪ درخشان ستارو ٿيندو،“. ها اها نيڪ تمنا واقعي سچ ثابت ٿي. سندس ڪهاڻيون چيني، جرمني، فارسي، اردو، هندي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ٿي، مختلف ملڪن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. اها به هڪ خوشنصيبي آهي ته سندس ڪهاڻين کي جرمنيءَ جي جڳ مشهور اديب، عالم ۽ انگريزي، سنڌي، اردو ۽ ٻين ڪيترن ٻولين جي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر اينيمري شمل جرمن ۾ ترجمو ڪيو. غلام رباني ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ لاءِ پڻ ڪافي ڪم ڪيو آهي. هو جڏهن ٻارن جي مشهور رسالي ”گل ڦل“ جو 1959ع کان وٺي 1964ع تائين ايڊيٽر رهيو تڏهن ٻارن لاءِ سوين دلچسپ ليک لکيائين.غلام رباني مختلف موضوعن تي لاتعداد مضمون، مقالا ۽ ڪيترا ڪتاب لکيا، جن کي سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام حاصل آهي. خاص طرح سان ”سنڌي ڪلچر- پس منظر ۽ پيش منظر“ عنوان سان سندس فڪري مضمون، هلال پاڪستان اخبار ۾ قسطوار ڇپيو ۽ مقبوليت ماڻيائين. ”مهراڻ رسالي ۾ سوين مضمون ۽ مقالا لکيائين، جن مان ”شاهه ولي الله جا مخدوم معين ٺٽويءَ ڏانهن خط“ ۽ ”قرآن شريف جا ترجما“ خاص حيثيت رکندڙ آهن. 
(غلام رباني آگرو بابت دستاويزي فلم)
سندس مشهور ڪتابن ۾ :”آب حيات“(ڪهاڻيون)، ”چونڊ آمريڪي افسانا“ (سراج ميمڻ سان گڏ)، ”پيار جي پري“ (ڪهاڻيون)، ”سڏ پڙاڏو“، ”ادبي توصيفات“، ”باز جوشڪار“، ”جهڙا گل گلاب جا“ ٻه ڀاڱا جنهن ۾ شخصي خاڪا ڏنا ويا آهن. اُن جي پهرين ڀاڱي ۾ هن علامه آءِ آءِ قاضي، عبداللطيف آگري، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد شاهه، پير حسام الدين راشدي صاحب تي شاهڪار شخصي خاڪا لکيا آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومري، نواب نور احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، حافظ عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ ٽي لئمبرڪ، محمد امين کوسي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، سائين محمد ابراهيم جويي، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غني خان جي زندگيءَ جو ڀرپور احوال ڏيئي تذڪري جي دنيا ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. ”سنڌ جا بَرَ، بَحَرَ ۽ پهاڙ“ ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن. سنڌ جا بَر بَحر ۽ پهاڙ هڪ اهڙو سوانحي ڪتاب آهي جو پڙهڻ سان آگري صاحب جي مطالعي، مشاهدي، فڪر، ساڃاهه ۽ تحقيقي معيار جي پرک پوي ٿي. هن ڪتاب ۾ پير سائين روضي ڌڻي، غوث بهاوالحق ۽ قلندر لعل شهباز تي آگري صاحب تمام گهڻي محنت ڪري اهڙي معلومات مهيا ڪئي آهي جو جنهن لاءِ جيتري به کيس آفرين چئجي اها گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته نه رڳو انهن متعلق مواد جي کوٽ رهي آهي پر انهن جي فڪر کي سمجهي اسان آڏو پيش ڪرڻ به هڪ ڏکيو ڪم آهي. هو پاڻ ئي لکي ٿو ته مون هن ڪتاب جو ورق ورق ڏاڍي توجهه سان لکيو آهي. ڪوشش ڪئي اٿم ته سنڌ جي اعليٰ شخصيتن جو گهڻي کان گهڻو مستند احوال جمع ڪريان پر اهڙي ڪا به روايت بيان نه ڪريان جيڪا غير مصدقه هجي. اهو ڪم سولو ڪو نه هو.“ (سنڌ جا بَرَ، بَحَر، پهاڙ صفحو 404) جيڪو هن ڪري ڏيکاريو.
پنجابي ادبي بورڊ لاهور پاران 1986ع ۾ کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو. سندس شاندار ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس صدارتي ايوارڊ ”تمغه امتياز“ سان به نوازيو ويو. ان کان علاوه کيس شاندار خدمتن جي عيوض ٻيا به ايوارڊ ۽ اعزاز مليا. هو دنيا جا ڪيترائي ملڪ جن ۾ ايران، چين، بنگلاديش ۽ ڀارت مختلف وقتن تي پاڪستاني اديبن جي اڳواڻي ڪندي گهمي آيو. ان کان سواءِ ڪيترن ئي قومي ۽ ٻين الاقوامي ڪانفرسن ۽ سيمينارن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو. 
 غلام رباني آگري جا اهم ڪتاب: 



Richest Sindhi of Hong Kong Hari Naroomal Harilela

Hari Naroomal Harilela GBM GBS OBE JP (10 August 1922 – 29 December 2014) was a Hong Kong based Sindhi businessman, hotelier and philanthr...